روسي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي ڇٽي واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ پاڪستان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مٿان تنقيد ٿي رهي آهي. روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف جڏهن پاڪستان جي دوري تي پهتو هو ته جهاز مان لهندي هو پنهنجي ڇٽي پاڻ کڻي اچي رهيو هو جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي لاءِ ڇٽي ٻيو همراهه کڻي هلي رهيو هو، جنهن تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته جڏهن روسي وزير پنهنجي لاءِ ڇٽي پاڻ کڻي هلي سگهي ٿو ته پوءِ پاڪستاني پرڏيهي وزير لاءِ ٻيو ڪو همراهه ڇٽي ڇو کڻي هلي؟ هو پاڻ ڇٽي ڇو نٿو کڻي هلي؟