ماڻهن کي ساهه ته کڻڻ ڏيو

0
197
ماڻهن کي ساهه ته کڻڻ ڏيو

هڪ طرف ملڪ ۾ سياسي بحران آهي ته ٻئي طرف معيشت جي خراب حالت آهي مٿان وري پشاور ۾ خوفناڪ خودڪش حملي کان پوءِ سڄو ملڪ  خوف ۾ وٺجي ويو آهي.انهي سڄي صورتحال ۾ جيڪو منظر نامو ٺهي ٿو اهو عوام تي ناڪاري اثر ڇڏي رهيو آهي جيڪو وڏي ۾ وڏو مهانگائي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.عوام اڃا تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ واري جهٽڪي مان نه نڪري سگهيو آهي ته وري بجلي جي اگهن ۾ واڌ جون تيارون ڪيون پيون وڃن ۽ انهي سان گڏ 200 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي به تياري آهي. جنهن مان لڳي ٿو ته ويجهڙ ۾ عوام تان مهانگائي جو بار گهٽجڻ جو ڪو امڪان ته نظر نه ٿو اچي.هر طرف مهانگائي جون خبرون آهن، عوام  کي مهانگائي ۾ چوکنڀو ٻڌو پيو وڃي ۽ اها به پڪ ناهي ته انهي کانپوءِ به ملڪي معاشي صورتحال بهتر ٿيندي يا حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون.

عوام لاءِ ايندڙ ڏينهن ڪيترا ۽ ڪيئن ڏکيا ڏينهن هوندا ان جو اندازو رڳو هڪ ئي ڏينهن ساڳي اخبار ۾ ڇپيل ڪجهه خبرن مان لڳائي سگهجي ٿو.پهرين خبر آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جو  شرط مڃيندي بجلي جي اگهن ۾ 10 رپيا في يونٽ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ان سان گڏ 200 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي به حامي ڀري وئي آهي.  فيصلي تحت بجلي جي اگهن ۾ ايندڙ مهيني 3 رُپيا في يونٽ واڌ ٿيندي ۽ مئي ۾ 70 پئسا في يونٽ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته نئين مالي سال جي پهرين مهيني تائين بجلي 6 رُپيا في يونٽ مهانگي ڪئي ويندي.ٻي خبر اها آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. شماريات کاتي ماهوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن موجب جنوري دوران مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 2.9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مهانگائي 27.6 سيڪڙو ٿي وئي آهي. انهي مهانگائي جي حوالي سان ٽئين خبر اها آهي ته ڊيزل جي اگهن ۾ تازي واڌ کانپوءِ  ريلوي، گرين لائين ٽرين کانسواءِ سڀني ٽرينن جي سمورن ڪلاسن جي ڀاڙن ۾8 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  نوان اگهه فوري طور لاڳو هوندا.جڏهن ته هڪڙي خبر اها به آهي ته يوٽيلٽي اسٽور تي به اگهه وڌايا ويا آهن جتي ڪنهن حد تائين عوام کي اڳ ۾عام مارڪيٽ کان سستيون شيون ملنديون هيون. جنهن کانپوءِ کير جي اگهه ۾ 10 ۽ گيهه جي قيمت ۾ 160 رُپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي. سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود مختلف برانڊز جا مصالحا، لوڻ، ٿانوَ ڌوئڻ واري پائوڊر سميت مختلف شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. يوٽيلٽي اسٽورز تي ٽوٿ پيسٽ جي قيمت ۾ 20 رُپيا، لوڻ 20 رُپيا، ٽوائلٽ ڪلينر جي قيمت ۾ 17 رُپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. کير جو دٻو 40 رُپيا، نوڊلز 35 رُپيا ۽ ڪئچپ 3 رُپين تائين مهانگو ٿي ويو آهي، جڏهن ته شربت 60 رُپيا، بوٽ پالش به 35 رُپيا مهانگي ٿي وئي آهي. برياني مصالحو 10 رُپيا ۽ کٽاڻ جي قيمت ۾ 87 رُپين تائين واڌ ڪئي وئي آهي. لوڻ جي اگهه ۾ 5 رُپيا واڌ ڪئي وئي. اها سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته اڳيان عوام لاءِ ڪيترا ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن ۽ ويجهڙ ۾ ڪنهن به بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت هجي يا آءِ ايم ايف انهن جي آڏو عوام جي ڏکيائين جي ڪا به اهميت نه آهي ۽ نه ئي انهن کي فڪر آهي، حڪومت چاهي ٿي ته ڪيئن به ڪري انهن کي آءِ ايم ايف وٽان قرض جي قسط ملي وڃي ۽ آءِ ايم ايف وري پنهنجي قرضن جي واپسي کي يقيني بنائڻ لاءِ اهڙا شرط رکي رهي آهي جيڪي عوام کي نپوڙڻ کانسواءِ پورا ڪرڻ ممڪن ناهن يا حڪومت ٻئي پاسي سوچڻ بدران عوام کي نپوڙڻ کي ئي سولو سمجهي ٿي ۽ انهي کي ترجيح ڏئي ٿي.عوام کي ايترو نپوڙيو ويو آهي جو هاڻي انهن لاءِ رڳو ساهه کڻڻ به ممڪن  نه رهيو آهي.تنهن ڪري حڪومت کي گذارش آهي ته اها  اهڙا قدم کڻي جنهن سان ماڻهن کي ساهه کڻڻ جيتري مهلت ته ملي سگهي.