حڪومت عمران کي گرفتار ڪرڻ گهري ٿي يا نه ؟

0
178
چيف اليڪشن ڪمشنر سان پي ٽي آءِ وارا ڇو مليا؟

 چون ته اهو ٿا ته ملڪ ۾ هينئر به وڏا مسئلا آهن جن ۾ معيشت جي خراب صورتحال ۽ امن امان واري صورتحال شامل آهن، ٻئي مسئلا ايترا ته سنجيده آهن جو ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت نيشنل سيڪيورٽي ڪاميٽيءَ واري اجلاس ۾ ان معاملي تي گھرائيءَ سان غور ويچار به ڪيو آهي، هينئر به ملڪ اندر ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جون ڳالهيون آءِ ايم ايف سان جاري آهن، جنهن ڪري ملڪ جو عوام رات جو انهيءَ خوف ۾ سمهندو آهي ته ڪٿي صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ئي پيٽرول، ڊيزل، گئس ۽ بجلي مهانگي نه ٿي وڃي پر اسلام آباد جي اندر جڏهن صبح جو سج اڀرندو آهي ته ان کان اڳ ئي اُهي خبرون اچي وينديون آهن ته شيخ رشيد  گرفتار ٿي چڪو آهي، هونئن ته خيبرپختونخوا جو گورنر غلام علي جو چوڻ آهي ته اسان هتي لاش کڻڻ ۾ مصروف آهيون پر عمران خان کي چونڊن جي لڳل آهي. حقيقت به اها آهي ته عوام هينئر پنهنجي جان بچائڻ واري فڪر ۾ وڪوڙيل آهي ته ساڳئي وقت وڌندڙ مهانگائيءَ سبب عوام پنهنجي ٻچن کي ٻه ويلا ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهي، ملڪ جي سياست جا ٻه وڏا موضوع شيخ رشيد جي گرفتاري کان شروع ٿي صحافي عمران رياض جي گرفتاريءَ تي اچي دنگ ڪن ٿا، ان کان اڳ جڏهن چوڌري فواد گرفتار ٿيو هو ته اهو سمجھيو پئي ويو ته اهو نياپو عمران خان لاءِ آهي ته هاڻ تنهنجي واري به اچي سگھي ٿي پر وچ ۾ گرفتاريءَ جو ڪُڻو شيخ رشيد جي صورت ۾ نڪتو، جنهن دوران عمران رياض صحافي دبئيءَ وڃڻ دوران ايئرپورٽ تان گرفتار ٿيو، شيخ رشيد پنهنجي گرفتاريءَ جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ان جي پوليس ترجمان ترديد ڪئي آهي، شيخ رشيد جا فوٽو ٻڌائين ٿا ته هو ٿاڻي تي ايئن ئي ويٺو آهي جيئن هو گھرو وزير هجڻ واري وقت ويهندو هو، جنهن عمران خان جي ڪري هو گرفتار ٿيو آهي انهيءَ عمران خان وارن چوڌري فواد جي گرفتاريءَ دوران سينيئر قيادت جو اجلاس ڪيو هو جنهن ۾ جيڪو به لائحه عمل طئي ٿيو هوندو اهو ئي لائحه عمل شيخ رشيد جي گرفتاريءَ لاءِ به هوندو پر تحريڪ انصاف جو اهڙو لائحه عمل روڊ رستن تي ڪٿي نظر نه آيو هو. چوڌري فواد به عدالتي انصاف رستي ضمانت تي آهي، شيخ رشيد جو به ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ٿيو آهي، راڻا ثناءُ الله کان جڏهن  پڇيو ويو ته چوڌري فواد گرفتار ٿيو آهي يا شيخ رشيد گرفتار ٿيو آهي ته راڻا ثناءُ الله چوي ٿو ته اسان هنن جي پٺيان ويهه ڪلو هيروئن ته نه لڳائي آهي، جنهن جو مقصد ته راڻا ثناءُ الله اهو ٻڌائڻ گھري ٿو ته هنن پنهنجي دور ۾ مون سان ڪهڙو حشر ڪيو هو، هاڻ ظاهر آهي ته پوري ملڪ ۾ ڪٿي به عمران خان جي حڪومت ناهي رهي، ان ڪري چوڌري فواد لاهور هجي يا موٽر وي تي شيخ رشيد لال حويليءَ ۾ هجي يا بحريه ٽائون، عمران رياض گھر هجي يا ايئرپورٽ ڪٿي به هاڻ اها حڪومت کين نصيب نه آهي، جنهن جي معرفت اهي وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪندا هئا، هاڻ ته پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گھر تي به چڙهائي ٿي آهي، راڻا ثناءُ الله اهو به چوي ٿو ته اسان ڪنهن به قسم جي ڪا به انتقامي ڪارروائي نه پيا ڪريون، چوڌري فواد جيڪڏهن گرفتار ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن خلاف ڳالهائڻ تي ٿيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڪوهسار ٿاڻي تي درخواست ڏني هئي، شيخ رشيد آصف علي زرداريءَ خلاف ڳالهائڻ تي پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ڪارڪن جي درخواست تي گرفتار ٿيو آهي، شيخ رشيد عمران خان جا اهي جملا ورجايا هئا ته آصف زرداري عمران خان کي مارائڻ لاءِ دهشتگردن کي پئسا ڏنا آهن، پئسن ڏيڻ وارا الزام آصف زرداريءَ تي جام لڳندا آهن، هينئر به پنجاب اندر اسيمبلي ڊزالو ڪرڻ واري معاملي دوران به عمران خان وارن چيو هو ته آصف زرداري اربين رپيا کڻي آيو هو پر پيپلز پارٽي ان تي شديد رد عمل ان ڪري نه ڏنو هو جو اهڙو بيان سياسي بيان جي صورت ۾ اچي رهيو هو پر عمران خان جي آصف علي زرداريءَ تي اهڙي الزام لڳائڻ کي پيپلز پارٽي سنجيده ورتو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري عمران خان کي مارائڻ لاءِ پئسا ڏنا آهن، پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت ان تي پريس ڪانفرنس به ڪري چڪي آهي، جڏهن ته هاڻ اليڪشن ڪميشن به بس گھڻو ٿيو واري ڪارروائي ڪري رهي آهي پر سوال وري به اهو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف جيڪا ٻولي چوڌري فواد ڳالهائي ۽ شيخ رشيد جيڪو بيان آصف زرداريءَ خلاف ڏنو،

 اهي بيان ته عمران خان جا آهن. ان جي شروعات به عمران خان ئي ڪئي آهي پوءِ گرفتار رڳو بيان کي ورجائڻ وارا ڇو ٿا ٿين، ان جو وري به جواب اهو آهي ته اهو سڀ ڪجھه عمران خان کي ٻڌائڻو آهي ته جيڪڏهن حد پار ڪئي وئي ته پوءِ گرفتاريءَ جي سطح بني گالا کان زمان پارڪ تائين ڪنهن جي به ٿي سگھي ٿي. هاڻ ته چوڌري فواد کي پنجاب ۽ ڪي پي  جي گورنرن تي ايتري ڪاوڙ آهي جو هو چوي ٿو ته جيڪڏهن انهن چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته انهن تي آرٽيڪل سڪس لڳندو. چوڌري فواد اهو به چيو آهي ته جڊيشري ۾ به ڪير جسٽس منير ٿيڻ چاهي ٿو يا آئين جي پاسداري ڪري ٿو، اهو فيصلو ڪرڻو پوندو. چوڌري فواد پنهنجي گرفتاريءَ تي اهي سوال اٿاريا هئا ته جھلم سان منهنجو ۽ ميانواليءَ سان عمران خان جو تعلق آهي،

 اسان تي غداريءَ جا الزام ڪيئن ٿا لڳايو، ساڳيو چوڌري فواد ٻاهر ايندي چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻنهي گورنرن چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته انهن تي آرٽيڪل سڪس لڳندو.

گورنر ڪي پي  جي پريس ڪانفرنس تي به چوڌري فواد کي ڪاوڙ لڳي آهي ته سندس لهجي مان کيس لڳي رهيو هو ته ڪي پي  ۾ ڄڻ ته گورنر راڄ لڳل هجي. رڳو ڪي پي جي گورنر ئي نه پر آءِ جي به پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، خيبرپختونخوا ۾ وڏو واقعو ٿي چڪو آهي، صوبي جي پوليس کي نشانو بڻايو ويو آهي. صوبي جي گورنر اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چونڊ بابت تاريخ ڏيڻ کان اڳ سمورين پارٽين سان مشورن جي صلاح ڏئي بار سڄو اليڪشن ڪميشن تي وجھي ڇڏيو آهي. ملڪ اندر دهشتگرديءَ کان ويندي سيلاب ۽ معيشت جي تباهيءَ واري صورتحال موجود آهي، اهي دليل ڪافي آهن،

معاشي ايمرجنسي لاءِ يا چونڊن جي تاريخ کي اڳتي ڪرڻ لاءِ، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان صلاح مشورا يا ڪل جماعتي ڪانفرنس ڪوٺائي ته صرف پي ٽي آ۽ ئي هوندي جيڪا چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ واري هوندي، ان ڪري هاڻي کان ئي تحريڪ انصاف صدر عارف علويءَ کي خط لکڻ شروع ڪيا آهن.

هوڏانهن مريم نواز به واپس اچي وئي آهي ته مريم نواز پراڻي اسٽيبلشمينٽ کي ۽ عمران خان واري حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، ملڪ ۾ جيڪا معيشت جي تباهي آهي يا جيڪا دهشتگرديءَ واري لهر آهي ان جو ذميوار مريم نواز، عمران خان، پراڻي اسٽيبلشمينٽ جا به ڪردار ۽ ڊيم واري بابا کي قرار ڏنو آهي. مريم نواز اهي به سوال اٿاريا آهن ته پشاور ۾ ڪير ويٺو هو، اهو ته عمران خان جو پنهنجو هو پوءِ ڇو دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ٿي نه سگھيو؟ مريم نواز پنجاب جي دوري تي آهي، پنهنجي تنظيم جي ميمبرشپ کان شروعات ڪري ڪنوينشن کان ويندي شاهد خاقان عباسي وارن اشوز کي به اهو چئي منهن ڏئي رهي آهي ته هوءَ پاڻ شاهد خاقان عباسيءَ سان ملندي. مريم، نواز شريف جي واپسيءَ جي به ڳالهه ڪري رهي آهي پر لڳي ايئن ٿو ته شهباز شريف جي وفاقي ۾ حڪومت هجڻ کان پوءِ هينئر نگران سيٽ اپ جي صورت ۾ به سڄي ملڪ ۾ هڪ پيج واري حڪومت اچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ عمران خان جي چوڌري فواد ۽ شيخ رشيد وارن جون گرفتاريون ٻڌائين ٿيون ته شيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن،

حڪومت هاڻ گرفتارين کان نه گھٻرائيندي. ساڳئي وقت چونڊن جي تاريخ تي به ڪا واضح حڪمت عملي نظر نه ٿي اچي، هونئن به چيف اليڪشن ڪمشنر چيو هو ته آئين ۾ چونڊن جي تاريخ ته لکيل آهي پر وقت تي چونڊون نه ٿيڻ تي آئين خاموش آهي. هن سڄي معاملي ۾ ن ليگ جو پنهنجو سينيٽر مشاهد حسين سيد چوي ٿو ته وقت جي ضرورت اها آهي ته چونڊن طرف وڃجي پر چونڊن کي وقت کان اڳ ڪرائڻ جو مقصد عمران خان جي فتح ۽ وقت تي چونڊون ڪرائڻ جو مقصد نواز شريف جي فتح تصور ڪيو پيو وڃي،

ان ڪري هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عمران خان وٽ سواءِ صدر عارف علويءَ جي باقي اُهي ڪهڙا ڪارڊ رهيا آهن جن ذريعي هو وقت جي حڪومت کي مجبور ڪندو ته چونڊون پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ وقت تي 90 ڏينهن جي اندر ۽ وفاق ۾ وقت کان اڳ ٿي سگھن.