ترقي جي نالي تنزلي ڏانهن وڌندڙ ڪاري سون ۽ ڪارونجهر جا وارث

0
245
ترقي جي نالي تنزلي ڏانهن وڌندڙ ڪاري سون ۽ ڪارونجهر جا وارث

       لطيف سرڪار جي بيتن، نارائڻ جي هائيڪي ۽ سچل سرمست جي سٽن جهڙي سرسبز ۽ معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ ڌرتي جنهن جي ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ وڏي ايراضي رکندڙ صحرائي خطو ٿرپارڪر پڻ آهي جيڪو رومانوي قصن جو مرڪز رهڻ سان گڏ رنگ برنگي راجستاني ۽ سنڌي ثقافت جو مرڪز رهيو آهي جيڪو ٻولي ۽ ثقافت سبب سڀني کان الڳ شناخت رکي ٿو، جنهن لاءِ سنڌي ۾ مشهور چوڻي آهي ته“ وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر”، اهو ٿر جنهن تي جيڪڏهن ڪڪر مهربان ٿين ۽ برسات پوي ته سال ۾ آڱرين تي ڳڻجندڙ ڏينهن مطلب ته محدود وقت تائين بهشت برپا ٿي ويندي آهي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ بي رحم موسمون کانئس اهو ملير هاڻو اوڇڻ کسي وٺنديون آهي ۽ باقي پورو عرصو سڄو علائقو بر ۽ ڏڪاريل ڏيھه جو ڏيک ڏيندو آهي جتي زورمره غذا جي کوٽ ۽ بک وگهي ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون خالي ٿي وينديون آهن ۽ ڪيترين ئي ونين جي ورن جا لاش ڪونڀٽن ۾ ٽنگيل ملندا آهن، جنهن کي هن وقت بر بڻائڻ ۾ موسمن کان وڌيڪ مصنوئي قوتن جو وڏو هٿ شامل آهي. شھيد امر روپلي ڪولهي، محمد عثمان ڏيپلائي، ماروي ۽ مسڪين جهان خان کوسي سميت گرم جهولن، اڪن جو ديس جنهن لاءِ شيخ اياز چيو آهي ته “جت لڪ لڳي جت اڪ تپن سو ديس مسافر منهنجو ڙي” اهو ديس هاڻي هڪ ڊگهي ڏڪار ۽ بر ٿيڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي جنهن جا مکيه ڪارڻ ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ڪول مائيننگ جهڙا ديس دشمن منصوبا آهن.

      سنڌ جي قومي ورثي، ٿر جي سڃاڻپ ۽ سياحت جي مرڪز سميت روپلي ڪولهي جي تاريخي مورچي جي روزمره جي ڪٽائي ٿري ماڻهن جي ھڏ ڪپڻ جي برابر آهي،

ڪٽائي ڪندڙن اڳيان روپلي جي وارثن ۽ الهرکيي کوسي جهڙي غريب ميرڙن ماروئڙن جي احتجاجن، ڪوڪن ۽ دانهن باوجود اوچي ڳاٽ سان ٿر ۾ ترقي جا داستان ٻڌائيندڙ ڪامورن جي ڪنڌ ۾ ڪاسي برابر به جهڪاوٽ نظر نه ٿي اچي ۽ ڪارونجهر جهڙي عظيم ورثي جي ڪٽائي ڪئي پيو وڃي. ياد رهي ته ڪارونجهر نه فقط پٿرن جو مجموعو بلڪه سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب ۽ سندس مٿي جي جهومڪ آهي جنهن جي بت کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ چئبي.

       ٿرپارڪر جي بربادي ۽ تنزلي جي اهم سبب ڏانهن هلجي ته تقريبن 29 سال پهرين بينظير ڀٽو توانائي جي وسيلن سان ڀرپور هڪ خودمختيار پاڪستان جو خواب ڏٺو هو جتي مقامي وسيلن تحت ٿر ڪول جي ذريعي بجلي پيدا ڪري قوم کي توانائي جي دولت سان مالا مال ڪري سگهجي، جڏهن ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ حڪومت ان نظريي کي برقرار رکيو ته جيئن سنڌ ۾ پنهنجي توانائي وسيلن کي استعمال ڪندي بجلي جي بحران کي هميشه لاءِ ختم ڪري سگهجي. 2009ع۾ حڪومت بينظير ڀٽو جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيندي ٿر ۾ ڪوئلي جو بنياد رکيو ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومت  ڪول مائيننگ  جهڙي ٿر جي ماحول، فطرت ۽ پيڙهين جي پُرک جي ماري رٿا جو آغاز ڪيو جيڪو ٿر جي بنيادي تباهي جو وڏو سبب ثابت ٿيو آهي.

     ڪول مائيننگ ڪمپني ۾ حڪومت هڪ سئو ويهھ ملين آمريڪي ڊالر جي سرمائيڪاري ڪرڻ سان گڏ هڪ سازگار ماحول جي فراهمي جي لاءِ ست سئو ملين آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي ۽ وڌيڪ منصوبن جو بنياد وڌو ويو جنهن منصوبن مان صرف هن وقت تائين ڪجھه ناڪام آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن ۽ ٿر جي ماڻهن کي سرمو پارائڻ لاءِ ٿر جي معاشي ۽ سماجي حالتن کي بهتر بنائڻ جي مقصد هيٺ فائونڊيشن جو بنياد وڌو ويو جيڪو هن وقت تائين صرف چند اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻاونجاھه عورتن کي ڊرائيوري جي تربيت ڏيڻ تائين محدود آهي ۽ ان کان علاوه سندس عهديدارن مٿان ٿيندڙ تنقيد خلاف هڪ ئي جوابي دليل روڊ نيٽورڪ آهي جيڪو ٺٽي، سجاول بدين کان مٺي ۽ نئون ڪوٽ کان سلام ڪوٽ تائين محدود آهي، جنهن سان چوويھه سئو ڳوٺن مان صرف ڪمپنين جي ڪامورن،سرمائيدارن ۽ وڏين گاڏين سان لنگهندڙ وڏيرن کي ئي فائدو پهتو آهي باقي پورهيت طبقو ته اڄ به ڪيترائي ڪلو ميٽر پيادل سفر طئي ڪري ٿو.

 جيڪڏهن تحقيق ڪئي وڃي ته ٿر ڪول سان ٿر ۾ ٽڪي برابر به ترقي جو معيار نظر نه ٿو اچي.

      هن وقت تائين صرف هڪ بلاڪ يعني بلاڪ نمبر ٻه ۾ ڪاميابي سان ڪوئلي جي رسائي ٿي آهي، باقي بلاڪ ون جي ڪم جي ابتدا ٿي چڪي آهي، باقي اڃان ثابت پيل کاڻن جي کوٽائي مهل خدا ڄاڻي ته ٿري ماڻهن کي ڪيترين مصيبتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو.؟

اصل ڳالھه جي تت ڏانهن وڌجي ته هن وقت تائين صرف هڪ بلاڪ ٿرپارڪر جي اندر ڪيتري تباهي آندي آهي؟ اول ته ڪوئلي واري هنڌن تان پيدا ڪيل آبهوا جا ناڪاري اثر،  مطلب ته ٿر مان وڻن جو وجود ختم ڪرڻ آهي جنهن جو وڏو گواھه ورواهي ڳوٺ ۾ بيٺل ٽن پيڙهين جو رکوال ۽ زميني پورهيو ڪندڙ کي ڇپر ڇانو مهيا ڪندڙ پراڻو نم جو جهونو وڻ ۽ شادي خان راهمون آهي جنهن پنهنجي ننڍپڻ ۾ ڇھه سال سانڌاري تي پاڻي کڻي کيس گهر جو ڀاتي سمجهي سار سنڀال ڪئي هئي پر بلاڪ ون جي 85 ايڪڙن احاطي ۾ ايندڙ ان وڻ کي انتظاميا جي  بلڊوزرن بي رحمي سان وڍي ڇڏيو.

 هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پيڙهين جي پراڻي ڇپر ڇانو ۽ ڪيترن ئي پکين جي پالڻهار جي حڪومت ڪهڙي قيمت ادا ڪري سگهي ٿي؟ ۽ اهي جاندار ڪنهن جي در دانهين ٿين…؟ ٿر جي هزارين وڻن، فطري حسن، ثقافتي سونهن، زندگي، ٿر جي اصلوڪي معيشت ۽ ماحوليات لاءِ قاتل رٿا بڻجڻ سان گڏ مقامي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ، کانئن پيڙهين کان پراڻيون زمينون خريد ڪري کين پورو معاوضو نه ڏيڻ، گوڙاڻي جهڙا ڊيم اڏي منجهس جر جو ٻاڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ آهي جنهن سان ٿر ۾ اٺي جي ناياب هڳاءُ کي مات ڏئي زمين ڪلر ڪرڻ آهي. ياد رهي ته ٿرين جو واحد معاشي ذريعو زمين ۽ مال متاع آهي، مطلب ايئن کڻي چئجي ته هاڃا ڳرا ۽ ڳڻڻ کان ڳچ آهن.

     ٿرپارڪر ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين مان ٿري ماروئڙن کي حاصل ٿيندڙ فائدن تي نظر وجهجي ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ بجلي اسلام آباد ۽ فيصل آباد کي ته روشن ڪري ٿي پر ٿر جا اهي به ڳوٺ آهن جيڪي بجلي ۽ روڊ جي تصور کان به الاهي ڇڊا بيٺل آهن، جتان مريض ڪيترن ئي ڪلاڪن جو سفر طئي ڪندي وچ رستي ۾ ئي اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا،

 جتي اسڪول ۽ پڙهائي جي سوچ ئي جنم نه ٿي وٺي ۽ ٿر ڪول ۾ روزگار جي نالي تي ٿر جي اٻوجهھ ماڻهن تي الزام، رسوائي سميت دودي ڀيل جا لاش ئي پلئه پيا آهن.

     ٿرپارڪر جو دورو ڪندي جڏهن شهر جي ڀتين تي وڏين وڏين پينٽگن ۾ ۽ سائڻ بورڊن تي چمڪندڙ لفظن ۾ “ٿر بدلي گا پاڪستان” جهڙا جملا ڏسڻ ۾ ايندا آهن ته ذهن ۾ هڪ سوال ضرور اڀرندو آهي ته ٿرپارڪر پاڪستان کي تمام گهڻو بدلائي چڪو آهي پر اڄ به ٿر جا اٻوجھه ۽ جهنگ جا ماڻهو ان ڳالھه جا منتظر آهن ته پاڪستان ڪڏهن ٿو ٿر کي بدلائي.؟

 ٿر پارڪر جا ماڻهو ترقي جا مخالف بلڪل به ناهن پر سڀني شڪايتن کي نظر ۾ رکندي ان معاملي تي ڪا حڪمت عملي جوڙي هڪ مضبوط قانون سازي ڪئي وڃي جنهن ۾ مقامي ماڻهن کان علاوه ڌارين کي روزگار ڏيڻ ۽ زمينون خريد ڪرڻ جهڙا اختيار واپس ورتا وڃن ته جيئن ٿري ماروئڙن جي آئيندي جي نسلن لاءِ پيش ايندڙ اوني ۾ اڻاٺ اچي سگهي، نه ته ٻي صورت ۾ نه ٿر رهندو نه ٿر جون زمينون رهنديون جيڪڏهن رهنديون ته ڌارين جي مالڪي هيٺ هونديون جنهن لاءِ سنڌ جي باشعور ماڻهن خاص طور تي ٿر جي نوجوانن کي پنهنجي مارو ديس جي سر زمين جي تحفظ لاءِ بنا دير  تحرڪ ۾ اچڻو پوندو ۽ پنهنجو قومي، ماحولي ۽ انساني فرض ادا ڪرڻو پوندو جيڪو مٿن تاريخ لاڳو ڪيو آهي.

[email protected]