گندم نه ڪڻڪ اپائيندا آهيون

0
154
گندم نه ڪڻڪ اپائيندا آهيون

 دنيا تي ڪڻڪ جي پيداوار آمريڪا جي مسسپي ماٿري مصر جي نيل ماٿري ۽ سنڌ ماٿري ۾ گھڻي ۽ معياري ٿئي ٿي. هي ٽئي واديون دنيا جي ساڳئي ويڪرائي ڦاڪ ۾ اچن ٿيون. هن کان سواءِ آسٽريليا ، يوڪرين ۽ ڪينيڊا ۾ ڪڻڪ جي وڏي پيداوار ٿئي ٿي پر ان جو معيار ٻئي نمبر جو آهي. هن ملڪ ۾ صوبا ننڍي وڏي ڀاءُ واري حيثيت سان رهن ٿا ۽ وڏي ڀاءُ کي پنهنجي وڏي هجڻ لاءِ ڪجهه وڏايون به ڏيکارڻيون پون ٿيون. ڪڻڪ جي معاملي کي ڏسون هي پنهنجي ڪڻڪ سدائين آخر ۾ ملڪ اندر مارڪيٽ ڪندو هو جنهن سان هر صوبي کي احساس ڏياربو هو ته پنجاب مان ڪڻڪ اچي ٿي کوٽ پوري ڪري پر هاڻي ننڍا ڀائر کيس مجبور ڪري ويٺا آهن ته پهريان تنهنجي ڪڻڪ ڪم ايندي ۽ سنڌ وارا آخر ۾ کپائيندا ته جيئن سنڌ ۾ پنهنجو اناج آخر تائين موجود رهي.

                 تاريخي طرح سنڌ وارا هزارين سالن کان ڪڻڪ پنهنجو مکيه کاڄ ڪري اپائيندا ۽ کائيندا رهن ٿا جنهن جي ثابتي موهن جي دڙي ۾ گھرن مان ڪڻڪ جا داڻا ملڻ آهي. هتي ڪڻڪ جو فصل لهندي ئي ماڻهو سال جو اناج گندين ۾ جمع ڪري رکندا آهن جنهن سان اڪثريت  آبادي کي اٽي جي کوٽ جو مسئلو ڪونه ٿو رهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ٿي ۽ اهي روزانو وٺي کائڻ وارو مزاج رکن ٿا.

 نون آيلن هتان جي واپاري ميدان کي خالي ڏسي اچي ان تي قبضو ڪيو آهي يا ايئن چئون ته اهو سڀ ڪرايو ويو آهي جنهن سان اسان جي سڃاڻپ اڄ به اها زراعت آهي.

جيئن ته باقي دنيا سان واپار لاءِ سامونڊي رستا استعمال ٿيندا آهن جنهن ڪري سامونڊي بندرگاهن جي معيشت ۾ هڪ وڏي اهميت رهندي آئي آهي. اسان جي ملڪ جي مٿين صوبن پنهنجي واپاري مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي صوبن جي ماڻهن کي وڏي انگ ۾ ڪراچي ۾ آباد ڪرايو ته جيئن هن بندرگاهي شهر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي سگھجي.

 ۽ سندن واپارين جي گھرايل مال تي ٿيندڙ جهاز راني ، ٽرانسپورٽ ويندي مزدوري تائين هتان جي مقامي رهواسين کي فائدو نه ڏجي. انهي ٻڌي جو ثبوت هي به آهي ته نيشنل هاءِ وي تي  سنڌي ماڻهن جي هوٽلن تي ٻين صوبن کان ايندڙ ڪابه ٽرڪ ، بس ڪانه ٿي بيهي ۽ پنهنجي علائقي واري نالي سان لڳل سائن بورڊ واري هوٽل استعمال ڪن ٿا. اهڙي طرح هي ٽرڪون ، بسون پوري سنڌ لتاڙيندي، روڊ رستن ۾ چيلا ٺاهيندا جڏهن ڪراچي پهچن ٿا ته سندن تصور سنڌ جي راڄڌاني نه پر مني پاڪستان ۾ پهچڻ ۽ رهڻ جو هوندو آهي.

 اهڙي سوچ اسان جي دوست اقبال سولنگي سان به هڪ تبليغيءَ اوري هئي جنهن تي اقبال کانئس پڇيو ته اوهان وٽ ته محسود قبيلي وارو وزير قبيلي جي علائقي ۾ نه ٿو رهي سگھي نه ئي وزير قبيلي وارو محسود جي علائقي ۾ رهي سگھي ٿو باقي اهي ٻئي ڪراچي ۾ اچي جيتري والار ڪن “اهو سڀ پاڪستان آهي” جي نالي ۾ جائز ڪيو ويٺا آهن؟ هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته پوري هاءِ وي ۽ شهرن ۾ هوٽلن تي گيس ، ڪاٺيون ، کير ، اٽو سنڌ جو استعمال ڪندي ٻيڻي ٽيڻي اگهه تي چانهه جو ڪوپ ۽ ماني جو ويلو کپائين ته ڪا دانهن نه آهي! قبائلي موٽرز ڪراچي شوروم تي 10 ٻوريون ان برابر نفعو رکي سنڌ وارن کي ڪارون ، جيپون کپائين ته ڪا دانهن نه آهي، ساهيوال مڪينڪ 50 روپين برابر گاڏي جي مرمت جا 500 سو وٺن ته ڪا دانهن نه آهي، لاهور اسپيئر وارو ٽيون نمبر غير معياري لوهه جو سامان سون جي اگهه تي سنڌ ۾ کپائين ته ڪا دانهن نه آهي،

 ڪجهه وقت اڳ تائين شهري لساني تنظيم جي غنڊا ٽيڪس کي سامان جي قيمت ۾ شامل ڪري اسان کي کپائين ته ڪا دانهن نه آهي، ٻنهي وڏين عيدن تي ٻيڻي ملهه تي ڪپڙا ، بوٽ ، ڪاسميٽڪس اسان کي کپائين ته ڪا دانهن نه ٿئي باقي ٻهراڙي جي ماڻهن جيڪي اڪثر پوکي سان واسطو رکن ٿا انهن جا اپايل بصر ، ٽماٽا ۽ ڪڻڪ مهانگي ٿئي ته قومي ٻولي وارا چينل ، اخبارون ۽ شهري رهاڪو آسمان مٿي تي کڻي ٿا ڏين ته وڏو ظلم ٿي ويو آهي. گيس ، بجلي جا هيٽر ٻاري جڏهن شهري لوڪ سمهي ٿو ته اهڙي سيءَ ۾ گاسليٽ واري بتي ٻاري هاري سڄي رات پوک ۾ پاڻي وهي ٿو، پاري جهڙي ٿڌي پاڻي ۾ لهي آواندا ٻڌي ٿو ،

  گرمي لابارا ڪري ٿريشر هلائي ٿو ته پوءِ ان جو وکر به قيمت لهڻي . اسان سنڌي ماڻهن کان باقي واپار ته ڄاڻي واڻي پري رکيا ويا آهن پر زراعت جو هڪڙو واپار اسان ڪريون ٿا انهن جي به گدامن تي ڇاپا هڻندي دير نه ٿي ٿئي، انهن جي وکر واريون ڀريل ٽرڪون رستن تي ضبط ڪندي دير نه ٿي ٿئي. سنڌ جي هاري ۽ جنس جي واپاري کي سڃو رکي ڪراچي ۾ مني پاڪستان سوچ واري جا پيٽ ڀرڻ وارو عمل  ويچار لهڻون. هن وقت اسان وٽ جيڪو سياسي دور هلي رهيو آهي ان ۾ نه ته ڪا رهبري آهي ۽ نه ئي ڪا رهنمائي سياسي اڳواڻ رڳي معاملا بيان ڪندا وتندا ۽ ووٽر ڪجهه نه ٿيو ، ڪجهه نه ٿيو جون دانهون ڪندا وتندا ۽ اهي ٻئي رويا خاص طرح معاشي ميدان ۾ وقت وڃائڻ برابر آهن. اسان وٽ عوام سوچيندو آهي ته پنجين سال هڪ ووٽ ڏيون باقي پنج سال حڪومت ڪمائي کارائي. دنيا تي ڪنهن به ملڪ يا رياست ۾ ايئن ڪين آهي ته سرڪار عوام کي پالي بلڪه اتي ماحول ئي اهڙو پيدا ڪيو ويندو آهي ته ڪم جي عمر کي پهچندي نوجوان پاڻ مرادو ڪم ڪار شروع ڪري ڏئي ٿو.

 سو اسان ماڻهن کي به ان سوچ ڏانهن لاڙو ڪرڻو پوندو ته اسان جي ضرورت جو سامان اسان کي ئي پيدا ڪرڻو آهي سو بصر ، ٽماٽا ۽ ڪڻڪ جي کوٽ دانهن ڪرڻ سان نه پر انهن جي پوک ڪرڻ سان پورائو ٿيندو. سنڌ واسي پنهنجي سماجي روايت کي جيئرو رکندي ڪڻڪ لهندي ئي سال جو اناج خريد ڪري گھرن ۾ جمع رکن ۽ سنڌ جو هاري ته هاڻي اهو به سمجهي ٿو ته لکن ۾ آيل افغاني، برمي ، بنگالي جيڪي غير قانوني پر قانون وارن جي آشيرواد سان ڪراچي ۾ رهن پيا انهن جي وهنجڻ ۽ طهارت ڪرڻ لاءِ پاڻي به اسان جي پوکن جو روڪي پهچايو پيو وڃي.

 انهي عمل کي سنڌ جي زمين سان گڏ پاڻي تي والار سمجهيو پيو وڃي ۽ سوچون ٿا جيڪڏهن اهو پاڻي واپس ٿئي ته اسان ان کان به وڌيڪ ڪڻڪ اپائڻ جي سگهه رکون ٿا. رهي ڳالهه گندم ڪا آٽا ڪرڻ وارن جي ته کين خبر هجڻ گھرجي ته اسان گندم نه ڪڻڪ اپائيندا آهيون ۽ جيئن اوهين اسان کي پنهنجي مرضي جي اگهن سان شيون کپائيندا آهيو اسان به اوپن مارڪيٽ جي معاشي اصول مطابق پنهنجو وکر کپائينداسين . اوهان پنهنجي علائقن مان مڪئي يا کسکس آڻي ماني پچايو ۽ کائو اسان کي ڪو اعتراض ڪين آهي.