لکين ماڻهو بي گهر آهن، ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟، ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

0
253
لکين ماڻهو بي گهر آهن، ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟
لکين ماڻهو بي گهر آهن، ڳڻپ ڪيئن ٿيندي؟، ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

سکر: سنڌ ۾ اعلانيل ڊجيٽل آدمشماري روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن تي عدالت شماريات کاتي سميت لاڳاپيل ڌرين کان سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي

ايڊووڪيٽ شبير شر سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته برساتي ٻوڏ سبب هن وقت لکين ماڻهو بي گهر آهن، سوين ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، ماڻهو ٻين جاين تي منتقل ٿيل آهن

ايڊووڪيٽ شبير شر موقف اختيار ڪيو ته لکين ماڻهو گهرن ۾ موجود ناهن، اهڙي صورتحال ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪيئن ٿيندي؟

عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي شماريات کاتي جي اختيارين سميت ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي سڀاڻي تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

واضح رهي ته وفاقي حڪومت طرفان سڀاڻي کان ڊجيٽل آدمشماري جو سلسلو شروع ٿيڻو آهي، هن ڀيري ڊجيٽل آدمشماري ۾ نوان شرط رکيا ويا آهن، جن کي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين رد ڪيو آهي

هن کي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ: چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت جو حڪم