سپريم ڪورٽ: چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت جو حڪم

0
227

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن کي مشاورت ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان فيصلو ڪري به ڇڏيون ته مقدمي بازي جاري رهندي، مقدمي بازي عوام ۽ سياسي جماعتن لاءِ مهانگي ثابت ٿيندي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته وڪيل سياسي اڳواڻن سان مشورو ڪري اڄ 4 وڳي تائين اليڪشن جي امڪاني تاريخ کان آگاهه ڪن، جمهوريت جي اها ئي تقاضا آهي ته ڌريون لچڪ جو مظاهرو ڪن

جسٽس جمال مندوخيل به چيو ته اصل طريقو اهو ئي آهي ته گڏجي فيصلو ڪيو وڃي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته قانوني ڳالهين کي هڪ پاسي رکي ملڪ جو سوچيو، ملڪ کي اڳيان رکي سوچيندا ته حل نڪري ايندو

 فاروق ايڇ نائڪ چيو ته آصف زرداري ۽ ٻي قيادت سان مشاورت ڪرڻي آهي، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وڃي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيس جو فيصلو اڄ ئي ڪنداسين،  عدالت کانسواءِ ڪنهن کي به چونڊن جو مدو وڌائڻ جو اختيار نه آهي، ٺوس سببن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ئي عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي

هي به پڙهندا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي بينچ جي تبديليءَ جو نوٽيس ورتو