ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج: مظاهرين تي لٺبازي: سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻا گرفتار

0
219
ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج
ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج: مظاهرين تي لٺبازي: سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻا گرفتار

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج دوران پوليس لٺبازي ڪري سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتار ٿيلن ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو، سرمد آزاد ۽ ٻيا شامل آهن

سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ آهي ته بدامني خلاف احتجاج لاءِ پهتاسين ته  ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ ڪارڪنن مٿان تشدد ڪيو

ايس ايڇ او قربان ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته مظاهرين ٿاڻي تي ڪاهه ڪئي، پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، گرفتار ٿيلن مٿان پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو

هن کي به پڙهندا

ايس يو پي جو پيادل مارچ روان دوان: زين شاهه بيمار ٿي پيو

ڀتو اوڳاڙڻ جي الزام ۾ گرفتار جي ايم ابڙو جو رمانڊ منظور: استادن ۽ شاگردن جو احتجاج