باهو کوسو: خوفناڪ حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا اجل جو شڪار

0
174
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي
ڪنڌڪوٽ ۾ رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 6  زخمي

بلوچستان جي علائقي صحبتپور ۾ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جَي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي

صحبت پور جي سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالمجيد ڪٽوھر وٽ ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿيو، حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا فوت ٿي ويا

فوتين ۾ 7 ورهين جو مظفر علي، 16 ورهين جو وسيم ۽ 36 ورهين جي سدرا خاتون شامل آهن، جڏهن ته 26 ورهين جي گلنساءَ زخمي ٿي پئي آهي

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمي عورت کي صحبتپور اسپتال منتقل ڪيو آهي، جتي زخمي عورت کي طبي امداد ڏني پئي وئي

پوليس موجب حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي