عورت پنهنجي گهر کي باهه لڳائڻ بعد لان ۾ ڪرسي تي ويهي تماشو ڏسڻ لڳي

0
441

ميري لينڊ(دلچسپ نيوز) عورت پنهنجي گهر کي باهه لڳائڻ بعد لان ۾ ڪرسي تي ويهي تماشو ڏسڻ لڳي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميري لينڊ جي سيسل ڪائونٽي ۾ 47 ورهين جي گيل مٽ ويلي پنهنجي ئي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.عورت گهر کي باهه ڏيڻ بعد لان ۾ ڪرسي رکي تماشو ڏسڻ لڳي جڏهن ته گهر جي تهه خاني مان ڪنهن مرد پاران مدد لاءِ دانهون ٻڌي پاڙي وارا پهچي ويا، پاڙي وارن جي پهچڻ کان اڳ ئي عورت فرار ٿي وئي، ماڻهن تهه خاني ۾ بند ڪيل شخص کي ٻاهر ڪڍي ورتو جڏهن تي فوري طور فائربرگيڊ کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي فائربرگيڊ جي عملي پهچي باهه وسائي ورتي جڏهن ته پوليس عورت کي گرفتار ڪري ورتو، گيل مٽ ويلي ڏوهه جو اعتراف ڪيو جنهن بعد کيس جيل اماڻيو ويو آهي جڏهن ته مقامي عدالت گيل مٽ ويلي تي پنهنجي ئي گهر کي باهه ڏيڻ ۽ قتل جي ڪوشش تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب في الحال کيس جيل اماڻي ڇڏيو آهي مٿس باضابطا ڪيس هلايو ويندو. عورت جي باهه ڏيڻ واري واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهر جي مختلف حصن کي باهه ڏئي رهي آهي ۽ ڪنهن سان وڙهي به رهي آهي. پاري وارن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ 4 ماڻهو رهن ٿا پر باهه واري واقعي دوران رڳو عورت ۽ مرد موجود هئا.