جهاز ۾ همراهه 160 ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون

0
605

تيانجن(دلچسپ نيوز) جهاز ۾ همراهه 160 ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين ۾ ويفانگ کان هائيڪو ويندڙ اڏام کي اوچتو روڪي مسافر لاٿا ويا. ايئرپورٽ جي عملي اختتامي معائني دوران جهاز جي انجڻ ۾ ڪجهه ڏٺو، عملي پائليٽ کي فوري طور انجڻ کي اسٽارٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو جنهن بعد پائليٽ فوري طور مسافرن کي جهاز خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته ايئرپورٽ جي عملي کي جهاز جي معائني بعد انجڻ ۾ 6 سڪا ڪاغذ ۾ ويڙهيل حالت ۾ هٿ آيا. سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي هڪ مسافر کي حراست ۾ ورتو ويو. مسافر ٻڌايو ته مون اهي سڪا سڀني مسافرن جي خيريت سان پهچڻ لاءِ خيرسگالي طور اڇلايا هئا. جڏهن ته انتظاميا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جهاز جي انجڻ اسٽارٽ ٿئي ها ته وڏو نقصان ٿئي ها. ٻئي طرف ايئرپورٽ انتظاميا جهاز جي اڏام ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته مسافرن کي ٻئي جهاز ۾ سوار ڪري روانو ڪيو ويو.