پاڪستاني ٽيم مينجيمينٽ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ کان لنوائڻ لڳي

0
415
پي سي بي پاران

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم مينجيمينٽ نوجوان رانديگرن کي آزمائڻ کان لنوائڻ لڳي جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ۽ زمبابوي لاءِ چونڊيل ڪيترائي رانديگر نيٽ پريڪٽس تائين محدود آهن.پاڪستان زمبابوي کان ٽيسٽ سيريز لاءِ 11 ڪرڪيٽرز جي ڪيمپ لاهور ۾ هڻڻ کانپوءِ هنن کي روانو ڪيو ويو، ڪپتان سميت ٻيا رانديگر وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ پهريان کان اتي موجود هئا، ڪمزور مخالف جي خلاف به مينيجمينٽ وڌيڪ تجربن کان پاسو ڪيو.