ماتلي ۾ نوتڪاڻي اليون نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کٽي ورتو: رانديگرن جو جشن

0
301

ماتلي (ن پ ا) ماتلي ويجھو ڳوٺ صالح سومرو ۾ شڪور سومرو جي ياد ۾ نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڪرايو ويو، جنهن جو فائنل نوتڪاڻي اليون کٽي ورتو. فائنل ۾ نوتڪاڻي اليون پهريان کيڏندي مقررر 10 اوورن ۾ خان چانگ جي 40، اختر جي 35 رنسز جي مدد سان 144 جو هدف ڏنو، جواب ۾ صالح سومرو اليون 120 رنز تي ڍير ٿي وئي، سومرا اليون طرفان ستار سومرو 40 رنز ٺاهيون پر ٽيم کي ڪاميابي ڏياري نه سگهيو، ان موقعي تي ڏاڏا محمد هاليپوٽو ڪامياب ٽيم جي ڪپتان کي 15 هزار ۽ رنر ٽيم جي ڪپتان کي 50 هزار رپيا روڪ ڏنا.