عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور نڪتو:بلاول ڀٽو

0
190
عمران خان ملڪي

پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور قرار ڏئي ڇڏيو

بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽ ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿيو آهي

پ پ چيئرمين لکيو ته عمران خان جو ڪرپشن خلاف سندس بيانيو ڪوڙو نڪتو، عمران خان جاچ روڪرائڻ لاءِ جيڪي حربا استعمال ڪيا اُهي قوم جي اڳيان وائکا ٿي ويا

هن چيو ته  جيڪو شخص ڪوڙو حلف نامو اليڪشن ڪميشن ڏئي اهو صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي، عمران پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ملڪ ۾ نام نهاد مهم هلائي هئي

بلاول چيو ته غير ملڪين کان پئسو وٺي ملڪ جي سياست کي گندو ڪندڙ عمران خان عوام جو ڏوهاري آهي