من ڪو ڀاڳ کلي پئي!‎‎

 

شايد ئي ڪو اھڙو ماڻھو ھجي جنھن کي فون يا ميسيج جي ذريعي مبارڪون نه مليون ھجن، ته مبارڪون اوھان جو نالو بينظير انڪم سپرٽ پروگرام ۾ اچي ويو آھي، يا جيتو پاڪستان پروگرام جي قرعه اندازي ۾ ٽي تولا سون، پنج لک رپيا يا اوھان جي ڪار ملي آھي. فلاڻي نمر تي ڪال ڪريو، اھڙي ريت احساس پروگرام تحت 14 ھزار ملڻ جون به خوشخبريون ملنديون آھن. فراڊ مافيا روزانون ھزارين ماڻھن کي نياپا موڪليندا آھن، ڪيترائي ماڻھو انعام جي لالچ ۾ انھن ٺڳن جي ڄار ۾ فاسي پوندا آھن، انھن جو طريقه واردات اھو ھوندو آھي ته نھايت ئي پروفيشنل انداز ۾ ڳالھائيندا آھن. اڪثر انھن جي ٽيم ۾ عورتون به شامل ھونديون آھن. جوشيلي انداز سان سريلي عورتاڻي آواز سان مبارڪون وصول ٿينديون آھن. جڏھن ڏسندا شڪار دلچسپي وٺي پيو تڏھن چوندا ته انعام اوھان ڏانھن موڪلڻ ۾ جيڪو خرچ ٿيندو سو اوھان کي ڀرڻو پوندو، جڏھن شڪار رقم ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندو آھي ته کيس اڪائونٽ وغيره ۾ پئسا موڪلڻ جو چيو ويندو آھي، تاڪيد ڪندا آھن ته دير نه ڪندا، ڪجھه جلدي جلدي پئسا موڪل نه ته انعام رد ٿي ويندو، اھي پئسا وصول ڪري وري ٻيو سر کڻندا، جناب اوھان جي انعام ۾ کليل ڪار جون اوھان کي مبارڪون، گاڏيءَ جي انشورنس ڪرائڻي آھي، اھڙي ريت بھانن سان پئسن جي وصولي پيا ڪندا آھن، آخرڪار نمبر بند ڪري وري نون نمبرن تان ساڳيان سلسلا جاري رکندا پيا ايندا آهن، ماڻھو لالچ ۾ پيا ڦاسندا ويندا آھن، ايئن چئي ته چلو ڇڪو ھڻي ٿا ڏسون، من ڦٻي پئون، جيڪو لٽجي چڪو ھوندو آھي اھو شرم شار ٿي ٻين کي ھوشيار ڪونه ڪندو آھي. اھڙن انعامي مبارڪن وارن ميسجن کي نذر انداز ڪجي، جنھن به نيٽ جي ورڪ ڪمپني تان اھو ميسيج اچي ان سم جي فرنچائز تي وڃي ان نمبر کي رپورٽ ڪرائجي يا پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن جي ويب سائيٽ تي اھو نمبر رپورٽ ڪرائجي يا ٻين کي ته آگاهه ڪجي ته جيئن جيڪي لڪ يا غيبي امداد انعام جي آسري ويٺل ٻيا مولائي ته بچي پون.

 

الھڏنو راھمون / سجاولي

 

قدرتي وسيلن سان مالا مال خطي جو عوام غريب ڇو؟

 

دادو ضلعو خوش نصيب ضلعو آهي، جيڪو تيل گئس سان مالا مال آهي، پوءِ ڪاڇي واسي بنيادي سهولتن کان محروم آهن، دادو جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي صاحب، ايم پي اي صاحب ۽ ڊپٽي ڪمشنر صاحب دادو واھي پانڌي، ڇني، ڊرگھه بالا، ساوڙو، گورک هل اسٽيشن سميت ڪاڇي جي ڳوٺن جي رستن جي بحالي جو جلد ڪرايو ۽ ان کان سواءِ ڪاڇي جي اسپتالن ۾ نمڪول، ڊرپ ۽ ايمرجنسي ۾ ھيلٿ سينٽر 24 ڪلاڪ کليل ھجن. گيسٽرو کان معصوم ٻارن جون زندگيون بچن. ڪاڇو هر بنيادي سهولت کان محروم آهي، افسوس جهڙي ڳالهه ته تيل گئس سان مالا مال ڪاڇو ننڌڻڪو بڻيل آهي، هر روز کيرٿر جبل ۾ ڪم ڪندڙ تيل گئس ڪمپني هڪ ڏينهن جي رائلٽي 13ڪروڙ آهي، ان هوندي به اسان ڀوتارن جا پيٽ ايترا وڏا آهن جو ڀرجي نه سگهيا آهن، ڪاڇو بنيادي سهولتن کان محروم ڇو بڻيل آهي.

 

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

 

سينٽر جيل سکر جي قيديءَ جي صدا!

 

خيرپور ڪورٽ حاضري تي آيل بخت ڄامڙو سينٽر جيل سکر اندر پاڻ مٿان جيل انتظاميا جي ٿيل ظلمن جي درڪٿا ٻڌائيندي لڙڪ روڪي نه سگھيو، اھڙو قيدي جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آھي، جنھن ۾ قيدي چئي رھيو آھي ته سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ۽ جيلر آصف ڪورائي پوليس عملدار درغائي ڪلهوڙو جيل اندر قيدن سان ناروا سلوڪ ڪري رھيا آھن، جيل اندر رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي اٿن، رشوت نه ڏيڻ تي قيدين مٿان تشدد ڪري رھيا آھن، جيل اندر ھر سهولت جا اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، حاضري تي ايندڙ قيدين کان مخلتف فرمائشن تي سامان گھرائي رھيا آھن، ملاقاتي ايندئي فلاڻي شيءِ، فلاڻو سامان، ڪپڙن وڳو وٺي اچجو، فرمائش پوري نه ڪرڻ تي قيدين تي تشدد ڪري کين بند وارڊ ڪري ڇڏيو ويندو آھي، جيل انتظاميا جي فرمائش پوري نه ڪرڻ تي جميل مهر، سڪندر تنيو، سميت ڪيترن ئي قيدين کي بند وارڊ ڪري ڇڏيو ويو، سندس چوڻ ھو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان تي تشدد ڪري بند وارڊ ڪيو ويو آهي ۽ اسان کا پئسا گهري رهيا آهن، اسان جيل اندر پئسا ڪيڏانھن آڻيون؟ جو جيل انتظاميا کي ڏيون،سکرطجيل جي قيدين انساني حقن واري وزير، سيشن جج سکر، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن کي اپيل ڪئي آھي ته جيل انتظاميا جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺي سندن ظلم مان جان آجي ڪرائي وڃي.

 

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

 

بلدياتي چونڊن جي تياري!‎‎

 

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ ٻين ضلعن جيان ٽنڊوالھيار جي يوسي مسڻ وڏي ۾ به چونڊ تياريون جاري آھن، جتي ضلعي ڪائونسل جي سيٽ تي پ پ پ جي اميدوار اڱوڻي ضلعي صدر ۽ چيئرمين ۽ سينيئر پ پ پ اڳواڻ مخدوم ميون علي محمد ولھاري جو مقابلو آزاد راڄوڻي اتحاد جي اميدوار مختيار احمد لغاري سان آھي جنھن لاءِ ٻنھي اميدوارن طرفان چونڊ مھم جاري آھي، 2015ع جي گذريل بلدياتي چونڊ ۾ پ پ پ اميدوار ميون علي محمد ولھاري ساڳين اميدوار مختيار احمد لغاري کي وڏي مارجن سان شڪست ڏني ھئي، مخدوم علي محمد ولھاري سينيئر پ پ پ اڱواڻ ۽ ضلعي ٽنڊوالھيار جو صدر ۽ چيئرمين رھي چڪو آھي ۽ ھميشه ھتان ڪاميابي ماڻيندو آيو آھي. ٽنڊوالھيار جي سياست ۾ ھن خاندان جي پنھنجي جدا حيثيت آھي، سندس چاچو مخدوم مرحوم ولي محمد ولھاري ايم پي اي به رھيو ھو، ماڻھن سان سٺي ورتائين، سادي طبيعت ۽ صاف سٿري سياست ڪري تر جي ماڻھن وٽ کين خاص حيثيت حاصل آھي، مخدوم علي محمد ولھاري ضلعي صدارت توڙي چيئرميني واري عرصي ۾ يوسي جي عوام لاءِ ڪيترائي ڀلائي جا ڪم ڪرايا، جيئن سي سي بلاڪ ٺھرائڻ نلڪا مشينن جي تقسيم نادرا شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ ۽ سولر لائيٽون، ڊرينيج اسڪيمون ڏنيون، ان کان سواءِ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار سان پڻ لڳايو ۽ ان تي ڪڏھن به ڪرپشن جو الزام ڪونه لڳو آھي، ٻئي پاسي سندس مقابلي ۾ بيٺل مختيار احمد لغاري جو تعلق مسڻ وڏي جي معزز مذھبي گھراڻي سان آھي ۽ يوسي مسڻ ۾ پنھنجو اثرورسوخ رکي ٿو ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت آھي. پوئين بلدياتي چونڊ ۾ به ھن ڪافي ووٽ کنيا ھئا، تنھن ڪري بظاھر يوسي مسڻ وڏي تي دلچسپ مقابلي جو امڪان آھي، باقي ماضيءَ جي نتيجن ۽ ميون علي محمد ولھاري جي شخصيت ۽ پارٽي ٽڪيٽ ڪري سندس پوزيشن ڪجھه بھتر نظر اچي ٿي.

 

مجاھد لغاري/ مسڻ وڏي، ٽنڊوالھيار

 

عوام دوست جھموري حڪومت جا احسان!

 

گذريل حڪومت جي مقابلي ۾ ھن حڪومت جي ڪارڪردگي ٻيڻ کان ٽيڻ تي آهي، ھر شيءِ مهانگائي ۽ ٻيڻا ٽيڪس به لاڳو ڪيا ويا آهن پر ڪير به ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهي، جڏھن ته عمران خان نيازي جي دور حڪومت ۾ اسان جا موجوده حڪومتي وزير صاحب ڪڏهن ٽريڪٽر تي ريليون ڪڍي رھيا ھئا ته ڪڏهن مهانگائي مارچ، دراصل اھي ٽريڪٽرن جون ريليون ۽ مهانگائي مارچ وغيره عوام جي حقن لاءِ نه پر سندس مقصدن لاءِ ٿي رھيا ھئا ڇو ته جيڪڏهن ھن وقت عوام جي حقن لاءِ ڪن ھا ته اڄ خاموش ٿي نه ويھن ھا ۽ تڏھن پيٽرول جي قيمت 150 رپيا ليٽر ھئي ۽ اڄ ساڳئي پيٽرول جي قيمت 230 رپيا آهي، جڏھن پيٽرول جي قيمت وڌندي آهي ته ھر شيءِ ٻيڻ تي مھانگي ٿيندي آهي پر انھن حڪمرانن کي ٽڪي جو به فرق ڪونه پوندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي ڪا به شيءَ موجود ناهي، جنھن کي جھموريت جو نالو ڏئي حڪمران کوکلا نعرا لڳائي رهيا آهن، اھو جھموريت نه پر ھڪ آمريت جو ٻيو نالو آهي، جيڪو عوام جو رت چوسي رھيو آھي، جھموريت جي آڙ ۾ ھن جھموريت ۾ پاڪستان اڳتي وڌڻ جي بجاءِ ھيٺ ڪرندو ويندو ۽ ايندڙ ڪجھه سالن تائين باقاعدي طور ملڪ تباهه ٿي ويندو ۽ ھن کان پوءِ اسان ڪجھه به ڪونه ڪري سگھنداسين، خدارا اڃا به وقت آھي حڪمرانن وٽ جيڪڏهن اھي نٿا سوچن ته عوام وٽ به وقت آھي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ سوچي سمجھي ووٽ ڏين نه ايئن نه ٿئي جو ملڪ نڪري وڃي ھٿن مان ۽ پوءِ پيا سوچيون ته ڪاش انھن کي ووٽ نه ڏيون ھا ته اڄ اھڙا حال نه ٿين ھا.

 

يو ڪي راهمون/ ڪيرلو

 

ٿر جي اڙانگھن پيچرن تي هلندڙ ڀٽي جو سچو سپاهي!

 

عوامي سياست جو ھر رنگ و روپ ھن لاءِ “مومل” مثل ھو ۽ ھو ان جو “راڻو” ھو، ھن جو پنهنجو ڪاڪ محل ھو ۽ ھن من موجي انسان انھيءَ ڪاڪ محل ۾ ويھي ڪئين سندر سانگ سجايا ھئا. ھن وٽ ٿر جي عام عوام جي لاءِ جيڪا قربت ھئي، ان جو ڪو ثاني نه ھو، ھو اڙانگهن پيچرن تي ھلڻ جو عادي ھو، کيس طوفانن سان ٽڪرائڻ به چڱي ريت ايندو ھو ته هو سامونڊي تيز موجن سان الجھڻ جو ھنر پڻ رکندو ھو، ھو ڀٽي جو سچو سپاھي ھو ۽ بينظير جيان ئي ھو بھادريءَ ۾ پڻ بي مثال شخص ھو. امر جڳديش ملاڻي ھڪ ڏيئي جيان پاڻ جلائي ٻين کي سھائو ڏيڻ وارو انسان ھو ۽ ھڪ اھڙي شمع ھن پنهنجي اندر جلائي ھئي جو الائي ڪٿان ڪٿان کان پتنگا اچي مٿس گھور پيا ويندا ھئا.

اب جس کے جی میں آئے روشنی پائے

ہم نے تو دل جلا کر اپنا سرئام کردیا۔

ھن وٽ عوامي خدمت ۽ سياست جا پنھنجا ماڻ ماپا ھئا، ھو پروٽوڪول، پنھنجا نوازي ۽ ڪوڙ ڪپت جي دنيا کان ونئون وڃڻ وارو انسان ھو. ڪپڙا ڇنڊڻ ۽ ڪرسي ڏسي اکيون ٻوٽڻ وارن اڄ ڪلھه جي سياسي ليڊرن کان جڳديش جي سياست تمام مٿڀري ھئي. اڄ سندس ورسي جي موقعي تي ٿر جي عوام کيس شدت سان ساري ٿو ۽ ضرور اھا اميد رکي ٿو ته امر جڳديش جي ئي وڇايل واٽ تي ھلي سندس لخت جگر سشيل ملاڻي ۽ ونود ملاڻي ضرور عام خلق جي دلين ۾ جايون جوڙيندا ۽ عوامي سياست کي ھڪ نئين انداز ۾ اڳتي کڻي ھلندا.

ٿر جو ھيرو امر جڳديش ڪمار ملاڻي،

ڪاڪ ڪَڙهِي وَڻ وِئا، ٻَرئا مَحل ماڳَ،

سَوڍي جي سرتيُون!، وڌيسِ وَهه ويراڳ،

سورنِ لايا سانگ، سگهو موٽج سُپرين.

 

منيش ڪمار/ واسو مٺي، ٿرپارڪر

 

من ۾ اونڌا ٿا رکن ماڻھو، شھر کي روشني ڪٿان ڏيندا؟

 

سج ۽ مريخ جي وچ وارو مفاصلو معلوم ڪرڻ ھجي يا کڻي نه آرام اسٽرانگ ۽ ايڊو ايلڊرن جو چنڊ تي پھچڻ ھجي، پاڻي جي اونھائي معلوم ڪرڻ ھجي يا کڻي انسان جي اندر ۾ 48 ڪروموسز جو تعداد معلوم ۽ حاصل ڪرڻ ھجي، ڏورانھن وارين شين کي ڏسڻ لاءِ “ٽيلي اسڪوپ” جو ايجاد ھجي، يا کڻي فريڊرڪ ڊي مونس نالي سائنسدان پاران ايجاد ٿيندڙ بلب ھجي اھو بلب جنھن سان اڄ پوري دنيا ته روشن ۽ خوبصورت لڳي ٿي پر ڇا فريڊرڪ مونس جو چھرو به بلب وانگر روشن ھئڻ ضروري آھي ڇا؟ چوڻ جو مقصد ته ماڻھو شڪل جو ڪھڙو به ھجي پر اصل ڳالھه ماڻھو جي سوچ ۽ فڪر جي اچي بيھي ٿي مٿي ذڪر ڪيل شيون جن به سائنسدان ڳولي لڀيون يا ايجاد ڪري دنيا لاءِ سولائيءَ ۽ خوبصورتي پيدا ڪئي پوءِ ضرور ته ناھي، اھي سائنسدان چھري ۾ خوبصورت ھجن پر ايترو ضرور آھي جو انھن جي سوچ ۽ فڪر سندن اندر جي صلاحيت ۽ علم جيڪري دنيا لاءِ وڌيڪ سولايون پيدا ٿيون آھن، اصل ڳالھه اھا آھي جو اڄ ڪالھه اسان پنھنجي سماج ۽ آسپاس تي نظر رکون ٿا ڏسون ٿا ته گھڻي حيرانگي ته وٺي ٿي پر پريشاني به وٺي ٿي وڃي، خبر ناھي اسان جو نوجوان طبقو ايئن ڇو آھي، جو ڪنھن غريب ڇوڪريءَ سان جڏھن ڪو نوجوان رشتو ڪري ته پھرين اھو اڪثر ڪنھن نياڻي جي ذھني سگھه، سھڻي سيرت شعوري ۽ اخلاقي صلاحيت ڏسڻ بجاءَ ھو نياڻي جي چھري جي پسند ڪرڻ لاءِ آتا ھوندا آھن، سوچجي ته مثال، ڪا غريب گھراڻي سان تعلق رکندڙ نياڻي جيڪا ڪيتري به اخلاقي سھڻي سيرت واي ھجي پر رنگ جي سانوري ھئڻ ڪري ڪو نوجوان انجو رشتو وٺڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا. سوچجي ته اھو ئي سڌريل سماج ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ ڏسندا آھيون اڪثر اھو روجھان گھڻون وڌندي ھاڻي فيشن جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي! اھڙيون نياڻيون جن جا رشتا نه ٿيڻ ڪري ويچاريون صبر ۽ شڪر سان بغير ور جي پنھنجن مائٽن سان زندگي ته گذاري ڇڏين ٿيون پر افسوس ۽ ئي ڪري سگھجي ٿو اھڙن ماڻھن تي به جيڪي رشتي وٺڻ وقت نياڻين جي تربيتي ۽ اخلاقي يا ذھني پرک ڪرڻ بجاءِ سندن حسن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ زور ڀرين ٿا جيڪو ناقابل ۽ اڍنگي رسم رواج ھجي ٿو سچ ۾ ته ماڻھو جڏھن کان چھرن جي خوبصورتي کان انساني دلين جي خوبصورتي کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا تڏھن کي سماج مان خوشبودار ۽ صاف سٿرو بڻجي پوءِ ئي ترقي جي طرف گامزن ٿيندو اھا خوبصورتي انسان جي اندر، دل يا وري علم يعني انساني جي اھليت جي ھجي ٿي.

 

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

 

اهڙي اسلام جي لاءَ قرباني! امام حسين عليه اسلام جي فلسفي کي سمجھڻ گھرجي!

 

ڪائنات ۾ اھڙي قرباني نه ملي ۽ نه وري اميري ۽ وري اھڙي غريبي نه وري اھڙي شھادت، بادشاھ حسين عليه اسلام جي جنھن جو والد شير خدا امام علي عليه اسلام ۽ نانو حضرت محمد ﷺ ھئا، امام حسين عليه اسلام جنھن دين خاطر سجدي ۾ سر ڪٽايو جنھن پنھڻجا دين خاطر قربان ڪيا. امام حسين عليه اسلام انسانيت جو امام ھو ھي ڪربلا جي جنگ ڪردار جي جنگ ھئي يزيذ جو ڪردار ڪھڙو ھو جو اڄ ان تي لعنتون ٿيون وسن ۽ امام حسين عليه اسلام کي مومن عزادار ياد ڪن ٿا ان جو ماتم ڪن ٿا غم ڪن ٿا نگر نياز ۽ مجلسون برپا ڪن ٿا. ڪوفين ۽ شامن نه سڃاتو امام حسين عليه اسلام کي، جنھن يزيذي ڪردار کي وائکو ڪيو ۽ جنھن ٻڌايو ته حق ڇا آھي باتل ڇا آھي، جنھن حق جي ڳالھه ڪئي، جنھن رب پاڪ کي راضي رکيو ڌڻي پاڪ جي عبادت ڪئي نماز کي بچايو. نماز ۾ شھيد ٿيا، اھڙي قرباني جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي، ھن سيد گھراڻي جنھن 6 مھينن جو علي اصغر ۽ ننڍڙي عمر جي بي بي سڪينه به شھيد ڪيو، تير هنيا ويا. امامن جي خيمن گھرن کي باھيون لڳايون ويون، امامن جو پاڻي بند ڪيو ويو، يزيد جو ڪردار بدڪردار ھو شرابي ھو ان ۾ انسانيت نه ھئي، ڪردار جي جنگ ھئي، ان ڪري امام حسين عليه اسلام ان جي بعيت نه ڪئي، جنگ ڪئي حق ۽ باطل جي جنگ ھئي، تاريخ ۾ سندن ڪيترا ئي معجزا ۽ واقعا ملن ٿا، ھڪ شخص راھب پاڻ ﷺ جي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پاڻ حضرت محمد ﷺ کي عرض ڪيو ته مون کي پٽ جي اولاد ناھي مون کي ڏسو ته پٽ جي اولاد آھي، پاڻ سندس ھٿ ڏسي پاڻ سڳورن فرمايو ته راهب توھان جي قسمت ۾ اولاد لکيل ناھي ۽ امام حسين عليه اسلام به اتي موجوده ھئا ۽ راهب روئي پيو ۽ امام حسين عليه اسلام پچس ته راحب روئين ڇو پيو؟ سندس آڏو فرمايائين ته منھنجي قسمت ۾ اولاد ناھي، ان راهب کي امام حسين عليه اسلام 7 پٽ ڏنا ۽ چيائيس ته مان ڄاڻان ته حسين ڄاڻي ۽ منھنجو نانو ڄاڻي ۽ رب ڄاڻي. امام حسين عليه اسلام جي فلاسافي کي سمجھڻ گھرجي جنھن انسانيت کي بچايو حضرت محمد ﷺ جي دين کي بچايو، امام حسين عليه اسلام جي ڏنل قرباني مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي، يزيدي ڪردار ۾ ڪوڙ، ٺڳي، شراب، زاني ۽ ڀيڻ ڀاءُ جو رشتو ۽ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيل ھئا ۽ انسانيت ۽ دين کي اسلام کي بچائڻ لاءِ حضرت امام حسين يزيد جي بعيت نه ڪئي پاڻ حق کي زندهه رکو، نماز کي زندهه رکو ۽ يزيذي ڪردار کي وائکو ڪيو، اسلام زندهه ھوتا هي ھر ڪربلا ڪي بعد.

 

ساگر شفيق وساڻ/ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌ ۾ برسات، ٻوڏ جو قھر ۽ راشن عيوض رليل عوام!

 

سنڌ جو عوام اڃا مس وڃي پنھنجن پير تي بيٺا هو ته مٿان وري برسات ۽ ٻوڏ جو قھر اچي مٿن ڪڙڪيو، اسان وٽ غربت ھڪ وڏي گار آھي، جيڪا ڪو به غيرتمند برداشت نه ڪندو آھي پر ٿورو ماضي جي جهروڪي ۾ جهاتي پائجي ته اسان جا وڏا وڏا غيرتي پٽ غربت جون گاريون سھندي ڏٺا ويا، اسان جي اتر سنڌ جتي اڃا تائين به ڪاروڪاري جو ويل متل آھي، تن جي غربت جو تماشو تڏھن دنيا ڏٺو، جڏھن برساتن تباھي مچائي ھئي ۽ سمورا ماڻھو راڄڌاني شھر طرف لڏي ھليا ويا، ڪيترائي سال گذرڻ بعد ھو پنھنجن اجهن ۾ واپس اچي آباد نه ٿي سگهيا آھن، اھا برسات رحمت بجاءِ زحمت بڻجي وئي، حڪومت پاران وڏا وڏا اعلان ٿيندا رھيا ته اسان انھن کي ٻيھر آباد ڪنداسين، امدادي سامان ڏئي کين سکيو ستابو ڪنداسين پر وقت گذرندو رھيو ۽ اسان جي حڪمرانن سندن سار لھڻ ئي ڇڏي ڏني ۽ ھر ڪو پنھنجو پيٽ پالڻ لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو، سندن زمينون کنڊر بڻجي ويون پر اسان پاڪستان وارا ته دنيا کان وڌيڪ دنيا جي ايجادن تي حيران ٿيندا آھيون ڇو جو اسان اڄ تائين ڪو اھڙو تجربو ئي ناهي ڪيو نه وري ڪو خواب ۾ ئي تجربو ڪيو ھوندو، ڇو جو اسان کي ڪو اھڙو موقعو ئي نصيب نه ٿيو آهي، ان ۾ اسان جي ڪرپٽ حڪمران پھرين نمبر تي آھن، انھن پنھنجي پيٽ پالنا ۾ رڳو پنھنجو ئي سوچيو آهي، ڪڏھن اھڙو سوچيو ئي ڪو نه ته اھڙي حالت ٿيندي، انھن سوچيو ھڪڙو پر ٿيو ڪجھه ٻيو. انھن وٽ ته پئسا جام آھن، بس ٽڪيٽ وٺي ڪنھن وڏي ملڪ تي اڏام ڪندا، ان ڪري انھن کي ضرورت ئي ڪانه پئي ته ڪا سٺي اسپتال ٺاھجي، جنھن ۾ غريب لاءِ ڪجھه سھولتون ھجن پر ٺاھن به ڇو؟ اسپتالون يا اسڪول ٺھندا ته شايد سندن نقصان ٿيندو، عوام کي علاج جي سھولت ملندي ۽ پريشاني ختم ٿيندي ۽ صحتمند زندگي گذاريندو ۽ رئيس جي سامھون ٿي بيھندو، ايئن ئي جيڪڏھن اسڪول ٺھندا ته ٻار پڙھندا، منجھن شعور وڌندو ۽ رئيس جي سامھون ٿي غريب عوام پنھنجا مطالبا مڃرائيندو. حڪومت کي گذارش آھي ته ھن وقت امداد جي ضرورت صرف مزدور طبقي کي نه آھي پر سڀ اھي ماڻھو جيڪي بيروزگار ويھي ويا آهن انھن کي راشن ڏنو وڃي، ايئن نه سمجھيو وڃي ته ھي وڏو دڪاندار آھي ان جو حق ناھي، اھو دڪاندار ھن وقت بيروزگار بڻيل آھي.

 

انجنيئر وسيم چنا\سيوهڻ