ڪراچي:  واپارين کان بجلي بلن ذريعي ٽيڪس وصولي جو معاملو سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو ويو، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي متحده جي محمد حسين چيو ته پوري پاڪستان ۾ بجلي ڪمپنيون (ڊسڪوز ) ٽيڪس وصول ڪن ته صحيح آهي، جيڪڏهن ڪراچي جي واپارين کان ڪي اليڪٽرڪ وصولي ڪري ٿي ته اها  زيادتي آهي، هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وفاقي وزير مفتاح اسماعيل آڏو اهو معاملو اٿاريو آهي، هن چيو ته نان فائلرن کان ٽيڪس وصولي بجلي بلن بدران ايف بي آر ذريعي ڪئي وڃي، جنهن تي  صوبائي وزير سعيد غني ڳالهائيندي چيو ته سڀني کي ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، ڪراچي جي واپارين مٿان ٽيڪس لڳائڻ کان اڳ سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ گهرجي.