سوال/سروي پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت، عمران جو بيان ڪوڙو قرار: ڇا رعايت ملي يا شروعات آهي؟ هاڻ ڇا ٿيندو؟ معافي تلافي يا ڏنڊو؟ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي بحث

0
240
سوال/سروي پي ٽي آءِ تي پابندي پيل فنڊنگ ثابت، عمران جو بيان ڪوڙو قرار: ڇا رعايت ملي يا شروعات آهي؟ هاڻ ڇا ٿيندو؟ معافي تلافي يا ڏنڊو؟ پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي تي بحث

اليڪشن ڪميشن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي پيل پرڏيهي فنڊنگ جو الزام ثابت ٿيڻ ۽ عمران خان جي حلفي بيان کي ڪوڙو قرار ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث شروع ٿي ويو، مختلف سوال اٿاريا ويا ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو؟ پي ٽي آءِ جو ڇا ٿيندو؟ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ بابت آيل فيصلي تي دلچسپ تبصرا به جاري رهيا. عمران خان ۽ سندس پارٽي جون تصويرون ٺاهي مختلف نعرا ۽ الزام لکي شيئر ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ ممتاز بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پي ٽي آءِ منع ٿيل فنڊ ورتا، پارٽي سربراهه جو بيان حلفي به ڪوڙو آھي، اليڪشن ڪميشن محفوظ ٿيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جنهن تي نبي بخش لکيو ته سزا ڪهڙي آئي اٿس؟ ايڊووڪيٽ عبدالسميع ميمڻ لکيو ته غيرملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ مٿان پابندي لڳائي وڃي، محمد آصف لکيو ته ثابت ٿي ويو ته عمران خان پرڏيهي سهولتڪار آهي جنهن جي سياست جو مقصد ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ آهي، فيصل احمد لکيو ته هاڻ چوندا ته ٻين به چوري ڪئي اسان به ڪئي ڪهڙو فرق ٿو پوي، منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران کي چندو CPEC مخالف فردن، ادارن ۽ ملڪن ڏنو آهي. چندي جي نتيجي ۾ عمران وزيراعظم ٿي ويو. CPEC جو ڪو نئون منصوبو نه آيو ۽ اڳ کان هلندڙ منصوبا به پي ٽي آءِ بند ڪرائي ڇڏيا. جنهن تي جهانگير خان مري لکيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي صفحي 67 موجب آمريڪا ۾ رهندڙ ڀارتي شهري روميتا شيٺي به پي ٽي آءِ کي ڪيترائي هزار ڊالر غيرقانوني فنڊنگ ڪئي،

علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ڪميشن موجب تحريڪ انصاف پرڏيهي فنڊ ورتو، عمران خان ڪوڙو قسم نامون جمع ڪرايو، اڪائونٽ لڪائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آھي، فرحان خان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي ليکوته پي ٽي آءِ تي غيرملڪي فنڊنگ ثابت ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان جو حلفي بيان به ڪوڙو آهي، عمران خان 150 ڪروڙ ڊالر ڳڙڪائي ويو، اسرائيل ۽ ڀارت جي شهرين کان به پئسا ورتا، ڪوڙا حلف ناما جمع ڪرايا، ڇا اڃا صادق ۽ امين وارو ٽيگ برقرار رهندو؟ نيوٽرل امپائر عمران خان کي آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو، پر ٿرڊ امپائر جو فيصلو اڃا باقي آهي.جنهن تي لياقت راڄپر، محمد اقبال ميرجت، لجپت مظلوم به ردعمل ڏنو، ماجد سنديلو لکيو ته عدالت ويندا غيرقانوني فنڊ قانوني بڻجي ويندا، ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، ادارا ورهائجي ويا آهن، حبيب رحمان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هي ته اڃا ڪجھه به ناهي اڃا ته اهي راز به کلندا ته هن کي ڪنهن آندو ڇو آندو، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بغض جي ليول اھا آھي جو ھمراهه اسرائيل، انديا ۽ ڪمپنين واري ممنوعه فنڊنگ جي حمايت ۾ لھي پيا ته پئسا ٻاھران آيا آھن ويا ته ناھن پوءِ ڀلي فراڊ، جوا جا ھجن. جنهن تي شير محمد سولنگي لکيو ته ڪو زمانو ھو جو انڊيا اسرائيل جو نالو وٺڻ وارا ڪاٺ ۾ ھوندا ھئا ھاڻ اتان جي فنڊنگ جو دفاع پيو ٿئي،

عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صادق ۽ امين ته چورن جو سردار نڪتو، هاڻي سندس پوئلڳ ڀلي پيا جهمريون هڻن، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ستن اٺن سالن کانپوءِ به فيصلو اهو اچڻو هو جنهن جي سڀني کي اڳواٽ ئي خبر هئي. اليڪشن ڪميشن قدم اهو کنيو ته شوڪاز نوٽيس ڏنو. هاڻي پي ٽي آءِ تي پابندي ته ڪونه لڳندي باقي اها جاچ ضرور ڪندا ته انڊيا واري اها سميتا شيٽي ڪير هئي جنهن آمريڪا ۾ فنڊنگ گڏ ڪئي. جنهن تي مجاهد حسين ڏيرو لکيو ته ڪا سميتا يا ڪوئي انيل يا ڪوئي راجيش تون ڏي يا اسان ڏي ڪوئي 10 ڊالر به موڪلي ھا ته شھر سڄو گُم ھجي ھا باقي ھي پنھنجا پاڻ ۾ آھن ، ڏي وٺ ٿيندي رھندي آهي، عبدالستار لکيو ته عمران سان ڪجھه به نه ٿيندو، نه ته شوڪاز سيريس اشو آهي ان جا ڪانسيڪينس ٻي پارٽي ھجي ھا ته ھي تمام سيريس معاملو ھجي ھا. زنگيجو ستار لکيو ته سڀ خير پروگرام هو، غلام علي سومرو لکيو ته عدالت وري ان ۾ 8 سال لڳائيندي، هوش محمد لکيو ته عمران خان اڄ به انهن ڌرين جو لاڏلو آهي ڪجهه ڪونه ٿيندو ايندڙ اليڪشن ۾ کيس ٻه ڏهائي اڪٽريت ڏياري ارڙهين ترميم جو خاتمو ڪرائيندا ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿيندو. ارشاد چانڊيو لکيو ته عمران کي ھر حال ۾ برقرار رکڻو آهي، غيرملڪي ماڻھن پئسا ڏنا پر فارين فنڊنگ جو ڪيس ناهي، راشد ٽالپر لکيو ته ھن کي ڪوبه سزا ڪونه ڏيندو سڄو ملڪ تباھ ڪري ڇڏيس تڏھن به پنجاب ۾ کٽائي آيس،

محمد رحيم زرداري لکيو ته لڳي ٿو ھڪ دفعو ٻيھر ھن قوم تي حڪمراني ڪندو سندس پٺيان ڪي مضبوط ڌريون آھن، ٻيو ڪير ھجي ھا ته جيلن ۾ سڙي ھا، شير گاڏهي ۽ عبدالمجيد بليدي به راءِ جو اظهار ڪيو، ڌنراج لکيو ته پ پ ۽ نواز ليگ جو فارين فنڊنگ جو فيصلو به اچڻ گهرجي، وحيد مراد لاشاري لکيو ته ان کي آشيرواڌ حاصل آهي، غلام محمد چانڊيو لکيو ته بيان حلفي ڪوڙي جمع ڪرائڻ تي عمران نا اهل ٿيندو باقي پارٽي ڌڻين کي قبول هوندي، جاويد لانگاهه لکيو ته جيڪڏھن هي ڪيس ايڏو سولو هجي ها ته پي ٽي آءِ ۽ عمران کي 8 سال ٽيڪنيڪل گرائونڊز تي ائين نه روڪين ها. اليڪشن ڪميشن ۽ ان جا قانون وڻويڙھي وانگر آھن، نوٽيس ان جو پهريون مرحلو آھي. قانون ۾ ممنوعا فنڊنگ نالي ڪو به ٽرم ڪونهي. سڌي فارين فنڊنگ آھي. اصل ڳالهه اها آھي ته هاڻ وفاقي سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ ھن ڪيس ذريعي عمران سان ٻه هٿ ٿي ڪري يا بارگينگ چپ طور استعمال ٿي ڪري. هي وڻ ويڙھي عمران کي سولو نه ڇڏيندي، غلام حيدر جمالي لکيو ته هڪ وزير اعظم کي خط نه لکڻ تي برطرف ڪيو ويو ٻئي کي پٽ وٽان پنهنجي پگهار نه کڻڻ تان نااهل ڪيو ويو ۽ هڪ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي باقي جوڻيجو ۽ جمالي ڪنهن کاتي ۾ ئي ڪونه هئا، جيڪي پنهنجا هوندا اهي ئي موج ڪندا،

رزاق جتوئي لکيو ته آمريڪا جو خط حرام ۽ فنڊ هلال آهي، صداقت علي بوهڙ لکيو ته جنھن ليڊر ساڻ پاڪستان جو 80 سيڪرو عوام هجي ان کي عدالت صادق ۽ امين قرار ڏنو ته پوءِ ھي چور ڇا ڪندا، سهيل ابڙو لکيو ته ھڪ ڳالھه سٺي اھا آھي ته، پئسو ته ملڪ ۾ آيو نه، ٻي ڳالھه ته فنڊنگ جو ٽرائل ٿيڻ کپي، فنڊنگ ڪنھن ڪئي ڪھڙي مقصد لاءِ ڪئي ،اھو لازمي آهي، عمران لغاري لکيو ته توشه خانه ڪيس وانگر هن ۾ به خاموشي ٿي ويندي، هدايت الله لکيو ته عمران کي ڪنهن چيو پرڏيهه مان فنڊ وٺي هتي کڻي اچي، ٻين وانگر هتان جا فنڊ پرڏيهه کڻي وڃي ها، قمر مڱريو لکيو ته عمران خان خلاف فيصلو مشڪل ايندو، گلزار رند لکيو ته سميتا شيٽي  شلپا شيٽي جي ڀيڻ آهي، بلاول لاکو لکيو ته عمران جيڪا ڊائري کڻي وزيراعظم هائوس مان نڪتو هو ان ڊائري ۾ 34 ملڪن جو حساب ڪتاب هو، منصور کوکر پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪپتان چور آهي، علي رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي چور قرار ڏيندي پڇاڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اربين رپيا پرڏيھي ذريعن کان آيا ۽ خرچ ٿيا پر عمران خان ان بابت ڪوڙو قسم نامو داخل ڪيو ھاڻ ڇا ٿيندو؟ معافي تلافي يا ڏنڊو؟ جنهن تي علي رستماڻي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، مير الطاف حسين ٽالپر لکيو ته ٽريفڪ سنگل جي ڀڇڪڙي تي ڪڏهن پوليس جي صوبيدار جو پٽ به چالان ٿيو آهي ڇا ؟ ناز سهتو لکيو ته عدالت موجود آهي،

دادلي ٻار جا انگل سهبا آهن، منظور ابڙو لکيو ته معافي تلافي ٿيندي، تاج محمد پنهار لکيو ته عوام کي معافي وارو فيصلو قبول نه هوندو، علي گل چانڊيو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو مهانگائي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهو فيصلو ڏياريو ويو آهي، اعجاز علي ڀٽو لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، علي زاهد لکيو ته هن کي بچائڻ وارا ويٺا آهن، محمد علي خان به راءِ جو اظهار ڪيو، يعقوب جوکيو لکيو ته عمران خان نڪري ويندو ٻيون پارٽيون ڦاسي پونديون، امام بروهي لکيو ته بهترين فيصلو آيو آهي، اختر علي لکيو ته واهه جو ڦاٿو آهي، قادر سومرو ۽ راجا سڪندر زمان لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو، سرفراز لغاري لکيو ته معاملو لئي مٽي ٿي ويندو، رحمت الله ميمڻ لکيو ته يوسف رضا گيلاني يا نواز شريف هجي ها ته معمولي الزام تي به نا اهل ٿي وڃي ها، طاهر جعفري لکيو ته  ڪنهن وڏي چوري کي ڪڏهن سزا ملي هجي ته ٻڌايو، رام ڪمار لالواڻي لکيو ته عمران خان کي ڪنهن چيو هو ته پرڏيهه مان فنڊ وٺي هتي کڻي اچي، رسول بخش ٿيٻو لکيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏئي پارٽي سربراهه کي نا اهل بدران بال مرڪزي حڪومت ۽ ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي،

انيل ڪمار لکيو ته 50 ڊالر کان وٺي 7500 ڊالرن تائين ماڻهن چندو ڏنو آهي عمران تي اهو الزام آهي ٻاهران پئسا وٺي پاڪستان ۾ ڇو آندا اهي ضبط ٿيندا .باقي جيڪي اربين ڊالر پاڪستان جا چوري ڪري ٻاهر کڻي ويا آهن انهن تي ڪنهن به قسم جو ڏوھ ثابت نٿو ٿئي نه انهن تي ڪيس ٿو هلي .اهو آهي انصاف؟ گل سميجو لکيو ته لاڏلي لاءِ ڪا به سزا ناهي هوندي، الطاف نظاماڻي لکيو ته ڏوهه ثابت ٿيو آهي پر سزا نه ڏني اٿن اهو ڇا؟ اعجاز خان سومرو لکيو ته عمران خان کي ڪنهن چيو هو ته پرڏيهه مان فنڊ وٺي هتي کڻي اچي ٻين وانگر ٻاهر کڻي وڃي ها. وارث رضا شاهد خاقان جو بيان شيئر ڪيو ته سڀ کان وڏو ڪوڙ عمران خان سڀ کان وڏي چور پارٽي پي ٽي آءِ آهي. فاروق سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو نه ٻڌائي سپريم ڪورٽ مان يڪدم بچڻ جو رستو به بند ڪري ڇڏيو.فرد جرم لاڳو ۽ شوڪاز جاري ڪيو اٿن جواب ملڻ بعد سزا ٻڌائيندا ۽ حڪومت کي ڪارروائي جي سفارش ڪندا. ثنه بچا ٽوئيٽ ڪيو ته ٿورڙي پابندي پيل فنڊنگ، ۽ ٿورو ڪوڙ، عفت عمر لکيو ته چور، حامد مير لکيو ته روميتا شيٽي ڀارتي شهري آهي جنهن سنگاپور کان پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏنو، حنا پرويز بٽ لکيو ته ثاقب نثار جنهن کي صادق ۽ امين قرار ڏنو اليڪشن ان کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، غريده فاروقي لکيو ته پابندي پيل فنڊنگ جو الزام پي ٽي آءِ تي ثابت ٿي ويو. شمع جوڻيجو لکيو ته نه صادق نه امين،  ندا ڪرماڻي لکيو ته ڪيس جو اهو فيصلو ڏيڻ لاءِ 8 سال ڇو لڳايا ويا.