عمران جي گرفتاري خلاف مظاهرا، روڊ بلاڪ: پوليس سان چڪريون: علي زيدي سميت ڪيترائي گرفتار

0
227
عمران جي گرفتاري خلاف مظاهرا
عمران جي گرفتاري خلاف مظاهرا، روڊ بلاڪ: پوليس سان چڪريون: علي زيدي سميت ڪيترائي گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جَي چيئرمين عمران خان جِي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا آهن، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون به ٿيون آهن

ڪراچي جي علائقي ڪالا پل وٽ مظاهري دوران پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي، ايم پي اي عديل احمد سميت 20 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ احتجاج دوران پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون، مظاهرين رينجرز چوڪي سوڌو عام ماڻهن جي گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي

شاهراهه فيصل، سهراب ڳوٺ ۽ گورا قبرستان سوڌو بحريه ٽائون آڏو موٽروي بلاڪ هجڻ سبب ٽريفڪ معطل آهي

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، ٽنڊو محمد خان، دادو، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

پي ٽي آءِ ڪارڪن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيا، پوليس مختلف شهرن مان پي ٽي آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا آهن

ڪراچي ۾ رينجرز چوڪي کي باهه ڏني وئي، لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر هائوس تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ سامان کڻي ويا

ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، گجرانوالا، رحيميار خان، راولپنڊي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ به احتجاج دوران پي ٽي آءِ ڪارڪن ۽ پوليس آمهون سامهون آهن

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار

اڳوڻو وزير اعظم گرفتار: ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو: عمران خان کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: نيب

آزادي لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو آهي، عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي: عمران جو گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان