آزادي لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو آهي، عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي: عمران جو گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان

0
344

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان رڪارڊ ڪرايو، جيڪو منظر عام تي اچي ويو آهي

عمران خان وڊيو ۾ چيو آهي ته پاڪستاني عوام جا بنياد حق ۽ جمهوريت ختم ٿي چڪا آهن، هيءَ جيڪا وڊيو رڪارڊ ڪرائي رهيو آهيان، ٿي سگهي ٿو ان کانپوءِ مونکي اوهان سان ڳالهائڻ جو موقعو نه ملي سگهي

عمران خان چيو ته پاڪستاني قوم مونکي 50 سالن کان ڄاڻي ٿي، سڀني کي خبر آهي ته مان ڪڏهن به پاڪستان جي آئين جَي خلاف نه ويو آهيان، نه وري مون ڪڏهن پاڪستان جو قانون ٽوڙيو آهي، سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪا به جدوجهد ڪيان، اُها پرامن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪيان

عمران خان چيو ته اڄ هيءَ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اِهو اِن ڪري نه پيو ٿئي ته مون ڪو قانون ٽوڙيو آهي، اِهو صرف اِن ڪري ڪيو پيو وڃي ته جيئن مان آزادي تحريڪ مان هٿ کڻان

عمران خان چيو ته مون خلاف ڪارروايون اِن ڪري جاري آهن ته جيئن مان ڪرپٽ ۽ امپورٽڊ حڪومت کي تسليم ڪيا، پر ائين ڪڏهن نه ڪندس

عمران خان چيو ته پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ سڀني کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ پوندو، ڪڏهن به ڪنهن به قوم کي پليٽ ۾ آزادي ناهي ملي، آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، جهاد ڪرڻو پوندو آهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار