اڳوڻو وزير اعظم گرفتار: ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو: عمران خان کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: نيب

0
200
اڳوڻو وزير اعظم گرفتار: ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو
اڳوڻو وزير اعظم گرفتار: ميڊيڪل بورڊ معائنو ڪيو: عمران خان کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: نيب

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو (نيب) تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي

چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان عسڪري ادارن خلاف بيان بازي سميت مختلف ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جتي رينجرز عمران خان کي حراست ۾ ورتو

ذريعن موجب عمران خان کي نيب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي ۽ نيب اختيارين سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا، آءِ جي اسلام آباد عمران خان جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي

عمران خان جي گرفتاري وقت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ وڪيلن ۾ جهيڙو به ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ وڪيل زخمي پڻ ٿي پيا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار عمران خان کي نيب راولپنڊي جي آفيس منتقل ڪيو ويو آهي جتي پمز اسپتال جي ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ سندس طبي معائنو ڪيو

، عمران خان کي سڀاڻي پنڊي جي احتساب عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو، نيب راولپنڊي جو چوڻ آهي ته عمران خان طلبي نوٽيسز جو اطمينان جوڳو جواب نه ڏئي رهيو هو، نيب آرڊيننس ۽ قانون پٽاندڙ گرفتاري ڪئي وئي آهي

عمران خان جي گرفتاري قانوني آهي يا غير قانوني؟ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي گرفتاري قانوني يا غير قانوني هُجڻ جي بنياد تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب ڪيس ۾ گرفتار

آزادي لاءِ جهاد ڪرڻو پوندو آهي، عوام کي ٻاهر نڪرڻ گهرجي: عمران جو گرفتاري کان اڳ وڊيو بيان