صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي تحت241 ڊاڪٽرن کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو

0
221
صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي

ڪراچي: صحت کاتي سنڌ فلڊ ايمرجنسي تحت241 ڊاڪٽرن کي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، پوسٽ گريجوئيٽ جي ٽريننگ مڪمل ڪندڙ 241 ڊاڪٽرن جون خدمتون مختلف ضلعن جي اسپتالن حوالي ڪيون ويون آھن ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي

241 ڊاڪٽرن کي هنگامي بنيادن تي ٽن ڏينهن اندر مقرري وارن هنڌن تي جوائننگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ٽن ڏينهن اندر جوائننگ نه ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جي وارننگ پڻ ڏني وئي آھي

 نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽرن کي بدين،  دادو،  حيدرآباد ۽ ڄامشورو سميت ٻين آفت سٽيل ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، سمورن ڊاڪٽرز کي خالي پيل جاين تي مقرر ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ نه آئي

سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ سبب ٻارڙن سميت وڌيڪ 10 ڄڻا فوت