سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به اٽي جا اگهه آسمان تي پهچي ويا

0
385
سنڌ جي ٻين شهرن جيان

سکر (رپورٽر) سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به اٽي جا اگهه آسمان تي پهچي ويا، 80 رپين ۾ في ڪلو وڪرو ٿيندڙ اٽو 120 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آھي

 اٽي جي في ڪلو اگهه ۾ اوچتو 40 کان 50 روپين جي واڌ تي شهري پريشان ٿي ويا، ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته حڪومت جي رٽ نظر نه ٿي اچي، دوڪاندار ۽ واپاري من پسند اگهن تي اٽو ۽ ڪڻڪ وڪرو ڪري رهيا آهن

ٻئي پاسي اٽي چڪي جي مالڪن جو چوڻ آهي ته بااثر سياستدانن جي ويجهن ماڻهن اَنُ ذخيرو ڪري ڇڏيو آهي، شهرين پاران انتظاميا ۽ سرڪار کان اٽو فوري طور سستو ڪرڻ جو مطالو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

وفاق جون نظرون سنڌ جي ڪڻڪ تي آھن: اسماعيل راھو

سنڌ ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي: گورنر عمران اسماعيل