وفاق جون نظرون سنڌ جي ڪڻڪ تي آھن: اسماعيل راھو

0
281
سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو آهي ته وفاقي حڪومت جون نظرون سنڌ جي ڪڻڪ تي آھن. هن چيو ته نااھل چاھن ٿا ته سنڌ انھن کان اھا ڪڻڪ خريد ڪري جيڪا انھن خراب ڪڻڪ ٻاھران گھر ائي آھي، سنڌ حڪومت وٽ صوبي جي ضرورت مطابق ڪڻڪ جا ذخيرا موجودآھن.

صوبائي وزير چيو ته وفاقي وزير ٻڌائن ته سنڌ جي ڪري ڪي پي، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ اٽو ڪيئن مھانگو ٿيو، ڇا اتي اسان جي حڪومت آھي؟.اسماعيل راھو چيو ته ھي وفاقي وزير ھر وقت ڪوڙ ڳالھائن ۽ ڪوڙا انگ انکر ٻڌائن پيا، وفاقي حڪومت پنھنجي ملڪ جي ڪڻڪ ٻاھرسستي ايڪسپو رٽ ڪري ناقص ڪڻڪ گھرائي پنجاب جي عوام کي کارائي پئي.

هن چيو ته درآمد ڪيل ڪڻڪ تي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي، ادارا خاموش ڇو آھن، جيڪڏھن پنجاب وٽ ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آھن ته پوءِ ڪڻڪ درآمد ڇو پئي ڪئي وڃي؟.اسماعيل راھو جو چوڻ آهي ته عمران خان حڪومت پينڊورا ليڪس ۾ ملوث وزيرن کي بچائڻ لاءِ قوم جو ڌيان ھٽائڻ چاھي ٿي، اٽو مھانگو سنڌ ۾ نه پر پنجاب ۽ ڪي پي ۾ آھي، اڃا تائين حڪومت فلورملز کي ڪڻڪ جاري ناھي ڪئي.

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته ڇاملڪ ۾ مھانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي؟، پھريان لکين ٽن ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪئي وئي ۽ مال ٺاھيو ويو، وري ھاڻي مھانگي ۽ ناقص ڪڻڪ ٻاھران گھرائي مال ٺاھيو پيووڃي،قوم جي پيسن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي.اسماعيل راھو چيو ته بين الااقوامي مارڪيٽ مان ايل اين جي ۽ مھانگي کنڊ ڪنھن خريد ڪري ڪرپشن ڪنھن ڪئي؟، ھاڻ وفاقي حڪومت ڪڻڪ ٻاھران خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا آھن،جيڪا ڪڻڪ ھتان جا جانوربه نه کائيندا، ڏسڻو اھو آھي ته ڪڻڪ جي ان خريداري ۾ ڪيترا ارب روپيا سليڪٽڊ ڏھاڙي لڳائي ٿو.