سنڌ ۾ اٽو مھانگو ٿيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي: گورنر عمران اسماعيل

0
326
پاڪستان کان سستو پيٽرول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل طرفان سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو، گورنر عمران اسماعيل  چيو آهي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جاري ٿيڻ بعد اٽو 55 رُپيا في ڪلو ملي ٿو

ميڊيا سان ڳالھائيندي عمران اسماعيل چيو تھ  سنڌ ۾ اٽي جو اگهه 74 رُپيا في ڪلو آهي، اڄ مهانگائي آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جاري ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ٻڌايو وڃي ته 16 آڪٽوبر تي ڪڻڪ جاري ڪرڻ پويان ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

گورنر سنڌ چيو تھ خدشو آهي ته سنڌ ۾ نومبر کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جاري نه ڪئي ويندي، اڳتي هلي مهانگائي ٿئي ته عمران خان کي گهٽ وڌ نه چئجو، صوبي ۾ مهانگائي جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي.

ھي به پڙھندا

وفاق جون نظرون سنڌ جي ڪڻڪ تي آھن: اسماعيل راھو