منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ نه آئي

0
255
ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي

ڀان سيد آباد (رپورٽر) منڇر ڍنڍ کي ٻن هنڌن تان ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻيءَ جي سطح ۾ لاٿ نه آئي، ايم اين وي ڊرين مان بلوچستان جي ٻوڏ واري پاڻيءَ جو منڇر ۾ ڇوڙ جاري آھي

15 ڏينهن کانپوءِ به منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح 121 پوائنٽ 5 آر آيل تي برقرار آھي، سيوهڻ تعلقي جي متاثر ٿيل 10 ئي يونين ڪائونسلز ۾ ٻوڏ واري صورتحال جاري آھي

هزارين علائقي واسي گهرن تائين محدود، وڏي وزير جي هدايتن باوجود انتظاميا متاثر علائقن لاءِ ٻيڙيون فراهم نه ڪيون، ٻوڏ متاثرن پاران ڊي سي ڪيمپ آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو

ٻئي پاسي نئون ڪوٽ ويجهو ايل بي او ڊي جي اسپائنل ڊرين ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ معمولي لاٿ آئي آھي، نئون ڪوٽ کي ميرپور خاص سان ملائيندڙ پل تان پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ جو سلسلو جاري، 9 انچن تائين پاڻي اوور فلو ٿيڻ سبب هڪ مهيني کان پل ٽريفڪ لاءِ بند پيل آھي

هاڪڙو ڍوري جا قدرتي لنگهه بحال نه ٿيڻ سبب ڍوري تي پاڻيءَ جو دٻاءُ جاري، هاڪڙي کي 22 ميل موري وٽان گذريل ڏينهن لڳل گهارو بند ڪيو ويو، گهاري جي پاڻيءَ جهڏو جا 3 ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

ھي به پڙھندا

سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ سبب ٻارڙن سميت وڌيڪ 10 ڄڻا فوت

شادي لارج ويجهو ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هزارين ماڻھن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري