حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي

اسلام آباد جي ليبارٽري ماحولياتي نمونن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته قاسم آباد ۾ واسا جي مختلف هنڌن تي قائم پمپنگ اسٽيشنز مان ورتل نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي

حيدرآباد ۾ مليل پوليو وائرس ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ ظاهر ٿيل وائرس سان ملي ٿو، اهو وائرس افغانستان کان پاڪستان منتقل ٿيو هو

اُن کان اڳ جولاءِ 2021ع ۾ سيوريج جي پاڻي ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي هئي، پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ واري مهم ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي

صحت کاتي موجب ڄامشورو جي ماحولياتي نمونن ۾ مليل پوليو وائرس ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ مليل پوليو وائرس سان مِلي ٿو

پوليو وائرس ظاهر ٿيڻ بعد حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، انڪاري والدين جي ٻارن کي زوري پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي