شھدادپور ۾ پيشي تان موٽندڙ ڳوٺاڻو پلاند ۾ لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي قتل، هڪ ڄڻو زخمي

0
146
خانواهڻ ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل
خانواهڻ ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

شھدادپور (رپورٽ : عبدالحميد کوسو) ڳوٺ گل محمد سھتو وٽ جوابدارن ڏنڊن ۽ لٺين سان مبينا حملو ڪري شاهپورچاڪر جي ڳوٺ ٻيڙو ملان ڪيريو واسي حسين بخش عرف ارباب ڪيريو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ساڻس گڏ اصغر سنجراڻي کي زخمي ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿي ويا

اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو مڙھ ۽ زخمي کي سمس اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته زخمي کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ مقتول جي سئوٽ منٺار ڪريو موجب برادري جي ماڻھن سان لنگھه جي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي، مخالف ڌر دل جي دوري ۾ فوت ٿيل ڳوٺاڻي اسماعيل ڪيريو کي قتل جو الزام هڻي مٿن شاهپورچاڪر ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو جنهن ۾ سندن همراھ جيل آهن

هن الزام هنيو ته ان جي پلاند ۾ جوابدارن الاهي بخش ڪيريو، موسيٰ ڪيريو، سلطان ڪيريو ۽ اعجاز ڪيريو وارن ڪورٽ ۾ پيشي بعد ڳوٺ ويندي گوليون هڻي ارباب ڪيريو کي قتل ڪيو ۽ اصغر سنجراڻي کي زخمي ڪيو.پوليس موجب ڌرين ۾ وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي،واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي هوڏانهن مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. واضح هجي ته مقتول کي 9 ٻارن جو اولاد آهي

هي خبر اڄ جي پنهنجي اخبار ۾ لڳي