سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيمارين وگهي ٻارڙن سميت اڄ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت

0
229

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بيمارين وگهي ٻارڙن سميت اڄ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن

ميرواهه گورچاڻي ۾ گيسٽرو 5 سالن جي جي ڀارتي ۽ سندس 4 سالن جي ڀيڻ گوري ڪولهي فوت ٿي ويون

مٺياڻي ۾ بچاءَ بند تي مليريا ۾ ورتل 2 ٻارڙيون  8 مهينن جي آجيان سولنگي ۽ 9 مهينن جي منيران دم ڏنو، ڀان سيد آباد ۾ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 2 ٻار ۽ تنگواڻي ۾ پورهيت فوت ٿي ويا

 سيتا روڊ ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وگهي عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿيويا، ڪڪڙ ۾ گيسٽرو وگهي 4 سالن جي ٻارڙَي ۽ ميهڙ ويجهو نئون ڳوٺ ۾ 10 سالن جي نينگر دم ڏنو

خانپور مهر جي ڳوٺ ساماڻو ۾ 8 سالن جو نينگر مليريا وگهي فوت ٿي ويو، سيٺارجا جي ڳوٺ لهڻو خان لنڊ ۾ نوجوان گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو آھي

گمبٽ ٽينٽ سٽي ۾ترسيل پيرسن مليريا وگهي دم ڏنو، قمبر ويجهو ڳوٺ عبدالشڪور چانڊيو ۾ نوجوان محمد هاشم چانڊيو مليريا وگهي فوت ٿي ويو

 اوٻاوڙو جي مريد شاخ، ڪنري ۽ ٻين علائقن ۾ به هزارين ماڻهو بيمارين ۾ وٺجي ويا، ڪي اين شاھ ۾ وڌيڪ چار ڄڻا گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا، جڏھن اڄ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو آھي

ھي به پڙھندا

نئون ڪوٽ ڀرسان هاڪڙو ڍوري کي 30 فُٽ گهارو پئجي ويو

شادي لارج ويجهو ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هزارين ماڻھن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري