شاهه رخ جو آزادي بعد آريان کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو

0
302

ممبئي (شوبز نيوز) منشيات ڪيس ۾ گرفتار شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان کي شاهه رخ خان ۽ گوري طرفان آزادي ملڻ کانپوءِ گهر ۾ ئي نظربند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي هاءِ ڪورٽ پاران فيصلي اچڻ کان اڳ ئي شاهه رخ ۽ گوري خان گڏجي فيصلو ڪري ورتو آهي.

ان حوالي سان گوري خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آريان خان جي ضمانت واري درخواست جي فيصلي ۾ کيس جيل مان آزادي ملي وڃي ٿي ته پوءِ ڪجهه مهينن تائين گهر ۾ نظربند رکنداسين.آريان کي نظربند ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن به پارٽي ۾ شرڪت ۽ دوستن سان رات دير تائين ويهڻ جي اجازت نه هوندي.

ھي به پڙھندا

 شاهه رخ خان جي پٽ آريان جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور