شاهه رخ خان جي پٽ آريان جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور

0
235
آريان جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور
 شاهه رخ خان جي پٽ آريان جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت منظور

ممبئي: منشيات ڪيس ۾ گرفتار بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ممبئي هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ آريان ۽ ٻين جي ضمانتن وارين درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪيس ۾ گرفتار آريان خان، ارباز مرچنٽ ۽ سندن ساٿي عورت جي ضمانت منظور ڪئي

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب عدالتي فيصلو جاري ٿيڻ کانپوءِ جمعي يا ڇنڇر ڏينهن آريان خان جي آزاد ٿيڻ جا امڪان آهن. ياد رهي ته ڀارتي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بورڊ 2 آڪٽوبر تي ممبئي جي ساحلي علائقي ۾ هڪ ڪروز شپ تي ڇاپو هڻي آريان خان ۽ ٻين کي منشيات استعمال ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو هو

آريان خان ۽ ٻيا 18 ڄڻا منشيات ڪيس ۾ گرفتاري بعد 8 آڪٽوبر کان جيل ۾ آهن، اڄ ممبئي هاءِ ڪورٽ هنن جون ضمانتون منظور ڪيون آهن