وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو

0
389
وزيراعظم سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بندش پيل تنظيم جي احتجاج ۽ قومي سلامتي جي ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويندو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويندا

بندش پيل تنظيم 12 ربيع الاول کان پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌايو هو ۽ شروعاتي طور ملتان ۽ لاهور ۾ ڌرڻا ڏنا ويا هئا، جڏهن ته بعد ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. انتظاميا مظاهرين کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهم رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، مظاهرين جو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جي ٽي روڊ تي ڌرڻو جاري آهي. بندش پيل تنظيم جي مارچ ۽ ڌرڻن سبب اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زندگي جو ڪاروهنوار متاثر آهي

راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ مرڪزي شاهراهون بند ڪيون ويون آهن. صدر کان فيض آباد ميٽرو سروس معطل ٿيل آهي. متبادل رستن تي ٽريفڪ جام معمول بڻيل آهي ۽ شهرين کي هڪ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ مشڪلات پيش اچي رهيون آهن

ھي به پڙھندا

وفاقي سرڪار پاران ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ جو اعلان