وفاقي سرڪار پاران ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ جو اعلان

0
203
ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم
وفاقي سرڪار پاران ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بندش پيل تنظيم ٽي ايل پي کي ويڙهاڪ تنظيم طور منهن ڏيڻ ۽ سندس خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اهم اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته رياست جي صبر ۽ سهپ جي به ڪا حد هوندي آهي. ٽي ايل پي احتجاج جي نالي تي 6 ڀيرا تماشو ڪري چڪي آهي، هاڻي کيس تماشو ڪرڻ نه ڏينداسين

فواد چوڌري چيو ته هاڻي ٽي ايل پي کي هڪ سياسي جماعت نه پر ويڙهاڪ تنظيم طور ڏٺو ويندو ۽ جهڙي طرح ٻين عسڪريت پسند تنظيمن کي منهن ڏنو ويو، تيئن ٽي ايل پي کي به منهن ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ رياست جي رٽ قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رياست جي رٽ کي چئلينج برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڪير به رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ٽي ايل پي جي ٻاهران مدد ڪندڙن کي روڪيو ويندو ۽ سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز هلائيندڙن خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽي ايل پي جا مطالبا نه مڃڻ ۽ شهرين جي رستا روڪ ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽي ايل پي پاران سندن سربراهه سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ سان گڏ فرانسيسي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته اسان فرانسيسي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ کانسواءِ باقي سمورا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهيون

ھي بھ پڙھندا

وزيراعظم پاران بندش پيل تنظيم جا غيرقانوني مطالبا مڃڻ کان انڪار، مظاهرين کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جي هدايت

ھي وڊيو بھ ڏسندا