لياري يونيورسٽي ۾ ثقافتي تقريبن تي پابندي ناهي، ٽائيم نيوز سان گڏ ايڪتا ڏهاڙو ملهائينداسين: وي سي اختر بلوچ

0
291
لياري يونيورسٽي ۾ ثقافتي تقريبن تي پابندي ناهي
لياري يونيورسٽي ۾ ثقافتي تقريبن تي پابندي ناهي، ٽائيم نيوز سان گڏ ايڪتا ڏهاڙو ملهائينداسين: وي سي اختر بلوچ

ڪراچي(فقير سليم) شهيد بينظير يونيورسٽي لياري جي وائيس چانسلر اختر بلوچ چيو آهي ته يونيورسٽي اندر سنڌي ثقافتي سرگرمين يا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي اچڻ تي ڪا به پابندي نه لڳائي وئي آهي ۽ اهڙا الزام رڳو اهي ڪجهه شاگرد لڳائي رهيا آهن جن خلاف تازو ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي هئي

وائيس چانسلر اختر بلوچ اهڙو اظهار ٽائيم نيوز جي پروگرم “ٽاپ اسٽوري” ۾ فون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آئون پاڻ سنڌي آهيان ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري اچڻ تي پابندي لڳايون. هن چيو ته هر سال ڊسمبر ۾ سموري سنڌ جيان لياري يونيورسٽي جي اندر به ايڪتا ڏهاڙي جون تقريبون ٿينديون آهن، جنهن ۾ اسان سڀ هو جمالو ۽ ٻين گيتن تي جهمريون هڻندا آهيون. ٽاپ اسٽوري ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي يونيورسٽي جي شاگرد دليپ راٺوڙ چيو ته يونيورسٽي انتظاميا اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اچڻ تي اسان خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ اسان جي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هنئي آهي

وائيس چانسلر اختر بلوچ اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته دليپ راٺوڙ به انهن شاگردن ۾ شامل آهي، جن کي اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو ۽ معافي وٺڻ تي هن جي داخلا ٻيهر بحال ڪئي وئي هئي. وي سي وڌيڪ چيو ته ڪجهه شاگرد ضابطن جي ڀڃڪڙي تي يونيورسٽي انتظاميا پاران ايڪشن کڻڻ بعد ان کي لسانيت ۽ ثقافت جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪو غلط آهي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته هيل به ٽائيم نيوز سان گڏجي يونيورسٽي اندر ايڪتا جو ڏهاڙو ملهائينداسين ۽ سنڌي گيتن تي جهمريون هڻنداسين