حليم عادل شيخ پاران ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ لاء اسٽيبلشمنٽ ڊويزن کي خط

0
215
اسٽيبلشمنٽ ڊويزن کي خط
حليم عادل شيخ پاران ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ لاء اسٽيبلشمنٽ ڊويزن کي خط

ڪراچي: سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ پاران ايس ايس پي جيڪب آباد کي ھٽائڻ جي لاء اسٽيبلشمنٽ ڊويزن کي خط لکيو ويو آهي،  جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي  تھ ايس ايس پي جيڪب آباد سياسي ڌر بڻجي انتقامي ڪاروايون ڪري رھيو آھي هو اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوھن  ۾ ملوث آھي

وفاقي وزير ميان محمد سومرو کي ڌاڙيلن پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون پر انھن خلاف به ايس ايس پي جيڪب آباد ڪارروائي نه ڪئي 22 مئي تي ون فائيو ٿاڻي سامھون ٻن شھرين کي پوليس پاران گوليون ھڻي ماريو ويو انھن اھلڪارن تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ ۾ ايس ايس پي پاڻ رنڊڪ وجھي رھيو آھي

جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم تي حملو ڪندڙ جوابدار ايس ايس پي سان گڏ ويٺل آھن ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ کي فوري ھٽائي ادارتي ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڏوھن جي حوالي سان جي آئي ٽي قائم ڪري انڪوائري ڪئي وڃي