سڀاڻي آءِ ايس آءِ کي چوندا ته رکيل ميمبرز به اسيمبلي تائين پهچايو: شيخ رشيد

0
223
باپ جو حقيقي باپ به

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته آصفه کي ٽي وي چئنل جو ڊرون لڳڻ جي جاچ لاءِ به آءِ ايس آءِ جي ضرورت پوي ٿي، سڀاڻي آءِ ايس آءِ کي چوندا ته رکيل ميمبرز به اسيمبلي تائين پهچايو

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو آهي ته شهباز شريف جي ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر نڪري آئي آهي، شهباز شريف قومي ۽ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جون ڳالهيون پيو ڪري، ڇا اسان چوڙيون پائي ويٺا آهيون

هن چيو ته ڪنهن به ميمبر کي اسيمبلي ۾ ووٽ ڏيڻ کان نه روڪيو ويندو، اصلي ۽ نسلي ماڻهو امتحان ۾ گڏ هوندو آهي، آئون امتحان ۾ عمران خان کي نخرا ڏيکاريان ته اهڙي سياست تي لعنت آهي

شيخ رشيد چيو ته امپائر نيوٽرل آهي، اصل سياسي دنگل اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، اپويشن کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو

شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪ عدم اعتماد ۾ عمران خان سرخرو ٿيندو، سمورا اتحادي عمران خان سان گڏ بيٺا آهن

هن چيو ته سنڌ هائوس وٽ خريد و فروخت جي بازار آهي، 25 مارچ تي اپوزيشن جو جلسو آهي جنهن کي سيڪيورٽي ڏينداسين

هن چيو ته سنڌ هائوس ۾ 300 کان 400 سنڌ پوليس اهلڪارن کي طلب ڪيو ويو آهي جيڪا ڪا ڳالهه ناهي، امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي

ھي به پڙھندا

بي اعتمادي رٿ: سپريم ڪورٽ بار پاران آئيني درخواست داخل