بي اعتمادي رٿ: سپريم ڪورٽ بار پاران آئيني درخواست داخل

0
181
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد  (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ واري ڏينهن تي ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ گهرو وزارت، بچاءُ واري وزارت، آءِ جي ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بي اعتمادي رٿ جو عمل پر امن انداز سان مڪمل ٿيڻ گهرجي، بي اعتمادي رٿ آرٽيڪل 95 اي تحت ڪنهن به وزيراعظم کي هٽائڻ جو آئيني رستو آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سياسي بيانن سان بي اعتمادي ڏهاڙي تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جو خطرو آهي، سپريم ڪورٽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي بي اتعمادي جو عمل پر امن طريقي سان مڪمل هجڻ جو حڪم ڏيئي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو