وزيراعظم ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

0
175
وزيراعظم ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن
وزيراعظم ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ۽ اسد عمر اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي وزيراعظم عمران خان، وڏي وزير محمود خان، وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، مراد سعيد، صوبائي وزيرن محب الله ۽ ڊاڪٽر امجد علي کي به نوٽيس جاري ڪيا هئا

وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو ۽ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ ڪابينا سيڪريٽريٽ ذريعي درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن ضابطه اخلاق سان اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم کي ختم ڪري سگهي ٿي؟ چونڊ مهم بابت اليڪشن ڪميشن جو حڪم قانون جي خلاف آهي، سرڪاري آفيس هولڊرز کي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وئي آهي

درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن آرڊيننس کانپوءِ چونڊ مهم تي پابندي نٿي لڳائي سگهي، اليڪشن ڪميشن کي قانون جي تشريح جو اختيار ناهي

درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن جي 10 مارچ جو حڪم ۽ 11 مارچ جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

رجسٽرار جو اعتراض

ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي اعتراض واريندي چيو آهي ته وزيراعظم جو حلفي بيان درخواست سان گڏ ناهي، عمران خان بائيو ميٽرڪ کانسواءِ درخواست داخل ڪئي

ھي به پڙھندا

ميمبرز جو ضمير خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهو سنڌ هائوس ۾ نوٽن جا بيگز کڻي ويٺا آهن: وزيراعظم