مٺي: اڍائي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا

0
199
مٺي: اڍائي مهينن

مٺي (ن پ ا) مٺي شهر جي مختلف ڪالونين کي اڍائي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ خلاف رهواسي روڊن تي نڪري آيا، باءِ پاس تي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،  ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پبلڪ هيلٿ کاتي جي ڪامورن اڍائي مهينن کان پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ سياسي بااثرن جي مخصوص ڪالونين کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي ٿو

هنن چيو ته پيئڻ جو پاڻي نه ملڻ ڪري اڃ وگهي تڙپي رهيا آھيون، احتجاجن باوجود ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي، پيئڻ جو پاڻي صرف باءِ پاس سان لڳندڙ غريب ڪالونين جو بند ڪيو ويو آھي

مظاهرين چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا ڪامورا پاڻي ٽينڪر مافيا معرفت وڪرو ڪري رهيا آھن، چونڊيل نمائنده خاموش ۽ عوام دربدر آھي، پيئڻ جو پاڻي فراهم نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو