ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير ڀٽو  يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز سڪرنڊ جي وقتي وائيس چانسلرن احمد سلطان جتوئي ۽ حاڪم ابڙو پنهنجون چارجون وي سي ڊاڪٽر انيلا عطا رحمان ۽ فاروق حسن شاهه حوالي ڪري ڇڏيون. احمد سلطان  جتوئي ۽ حاڪم ابڙو عدالت ۾ اهڙا حلف ناما به جمع ڪرائي ڇڏيا. ڪالهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ وٽرنري اينڊ اينيمل سائنسز يونيوسٽي سڪرنڊ جي وائيس چانسلرن پاران توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ٻنهي يونيورسٽين جا وقتي وائيس چانسلر پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر حاڪم ابڙو کان پڇيو ته اوهان عدالتي حڪم باوجود چارج ڇو نه ڇڏي؟ جنهن تي درخواستگذار انيلا عطا الرحمان چيو ته پهريان ابڙو صاحب! مون کي ويلڪم ( آجيان) ڪيو، ٻن ڏينهن بعد پيغام اماڻيو ويو ته چارج نه ڏني ويندي،  عدالت سڪرنڊ يونيورسٽي جي وقتي وي سي احمد سلطان جتوئي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان چارج ڇو نه ڇڏي؟ ڇا هاءِ ڪورٽ جي آرڊر کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءِ آهي، عدالت يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري مريد راهمون سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڇو نٿا ڪرايو؟ اسان کي سڀني آفيسرن لاءِ عزت آهي پر عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو ويندو ته ڪارروائي ڪنداسين، جيڪڏهن اوهان آئنده عدالتي حڪمن ۾ رڪاوٽ بڻيا ته معطل ڪنداسين.