ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي  لاڙڪاڻي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽرانيلا عطاءَ الرحمان ميمڻ چيو آهي ته نمرتا چنداڻي ۽ نوشين ڪاظمي وارن واقعن کي منهنجي خراب ڪارڪردگي جو جواز بڻائي جبري موڪل تي اماڻيو ويو،  نمرتا جي انڪوائري رپورٽ گهرو کاتي وٽ آهي؟ انهي کي ٻن سالن تائين ڇو لڪايو ويو؟ هن  چيو ته انڪوائري ۾ پنج کان 6 سوال اهڙا آهن جن بابت جاچ ڪندڙ جج صاحب چيو هو ته انهن جي انڪوائري ٿيڻ گهرجي ها ، اها جاچ ڇو نه ٿي؟ جوڊيشل انڪوائري جي رپورٽ ٻن سالن کانپوءِ ڇو ليڪ ڪئي وئي؟ اهو وڏو سوال آهي. ڊاڪٽر انيلا چيو ته نمرتا مان ملندڙ ڊي اين اي جي وڌيڪ جاچ لاءِ چيو ويو هو، اها ڇو نه ڪرائي وئي؟ جڏهن ته نوشين به اسان جي نياڻي هئي هن آپگهات ڪيو يا نه؟  ان بابت ڪجهه نه چونديس.