ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن آفيسرن  جون بدليون، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر2 عبدالقادر سومرو کي هٽائي ايس اينڊ جي اي ڊي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمال حڪيم کي بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊڪوارٽر 2 مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف عبدالحفيظ چاچڙ کي بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر سکر مقرر ڪيو ويو آهي