ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سوشل ميڊيا تي سرگرم تعليم کاتي جي آفيسر کان وضاحت طلب، اڪبر نوح ميمڻ  پاران انتقامي ڪارروائي جو الزام، ان ڏس  ۾ سنڌ تعليم کاتي   19هين گريڊ جي هيڊماستر اڪبر نوح ميمڻ کان سرڪاري حڪم تي عمل نه ڪرڻ تان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي، اڪبر نوح ميمڻ کي پهريائين تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري واري عهدي تان هٽائي حيدرآباد ۾ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو، 24  فيبروري تي وري اڪبر ميمڻ کي کپرو هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو هو،  کپري ۾ جوائن نه ڪرڻ تي تعليم کاتي کانئس وضاحت طلب ڪندي پوسٽنگ واري هنڌ جوائن ڪرڻ جو به مشورو ڏنو آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اڪبر نوح ميمڻ کاتي جي عملدارن تي انتقامي ڪاررواين جو الزام هڻندي چيو آهي ته مون تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي ، انهي ڪري مون کان اهڙي وضاحت طلب ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته مون پنهنجي سموري سروس ۾ موڪل ناهي ڪئي، منهنجي 4 سال موڪل رهيل آهي   هن چيو ته  مون 15 فيبروري کان هڪ مهيني جي موڪل  لاءِ ڊائريڪٽر معرفت سيڪريٽري تعليم کي درخواست اماڻي هئي، هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي موڪل واري درخواست قبول نه ڪئي وئي هئي ته پوءِ کاتي پاران مونکي ٻڌايو وڃي ها ته آئون کپري ۾ جوائننگ  ڏيان ها، مونکي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ٻئي طرف تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته تعليم کاتو وڏو ڊپارٽمينٽ آهي، جتي مقرريون ۽ بدليون ٿينديون رهنديون آهن، روزاني 40-50 آرڊر نڪرن ٿا، اسين ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي ڪهڙي ڪنداسين؟ پنهنجي  کاتي جي آفيسر خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي ناهي  ڪئي،  اسان کي سوشل ميڊيا ڏسڻ جو وقت ئي ناهي، اسين پنهنجو ڪم پيا ڪريون، باقي ڪير سرڪاري حڪم نامي کي نٿو مڃي ته سرڪاري قانون ۽ اي اينڊ ڊي رولز آهن، هن اڪبر نوح ميمڻ جي انتقامي ڪارروائي واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو،  واضح رهي ته اڪبر نوح ميمڻ سوشل ميڊيا تي تعليم واري وزير سميت مختلف آفيسرن خلاف مختلف پوسٽون رکندو رهي ٿو.