ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب  عدالت فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري نيب انڪوائري ۾ 10 لک  رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي نيب عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته نثار مورائي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي انڪوائري هلي رهي آهي، جنهن ڪري سندس ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي. ياد رهي ته عدالت گذريل سال فيبروري ۾ فشر مين ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ غير قانوني ڀرتين جو الزام ثابت ٿيڻ تي نثار مورائي کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي،  نثار مورائي هن وقت جيل ۾ آهي