سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ جي مدرسي ۾ چار ڏينھن اڳ نينگر عبدالڪريم ٻٻر ڇت تان ڪري فوت ٿيڻ واري واقعي ۾ پوليس جي حراست ۾ ورتل مک جوابدار مولوي احسان سولنگي ۽ مدرسي جو بورچي حب علي ناريجو کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس ٻنھي جوابدارن  جي گرفتاري ظاھر ڪرڻ بعد کين سيڪنڊ سول جج جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو،  عدالت ٻنھي جوابدارن کي 6 ڏينھن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.