اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪورونا جي ڪري قرنطينه ۾ موجود وزيراعظم عمران خان پنهنجي رهائشگاهه تي حڪومتي ٽيم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم کي ملڪي سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ آهي، پوري ملڪ ۾ ويڪسينيشن جو عمل جاري آهي، ڪورونا ايس او پيز تي هر صورت عملدرآمد ڪرايو وڃي، وزيراعظم عمران خان حڪومتي ٽيم کي هيلٿ ڪارڊ جي ورهاست جي عمل کي تيز ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مريم نواز جي پيشي جي موقعي تي ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.