لاهور (بيورو رپورٽ) نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز جي سڀاڻي نيب لاهور ۾ پيشي، پنجاب پوليس ريڊ زون قرار ڏنل نيب آفيس ۾ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا، نيب آفيس اندر ۽ ٻاهران رينجرز ۽ پوليس جا جٿا مقرر هوندا، 400 ليڊي اهلڪار به طلب، نيب آفيس جي 300 ميٽر تائين جو علائقو ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويندو، نيب آفيس ۾ رڳو مريم نواز جِي گاڏي ئي وڃي سگهندي، ڪنهن به اڳواڻ يا ڪارڪن کي نيب آفيس ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي…..