سينيئر ترين جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿي ويو

0
444
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ترين جج جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جو نئون چيف جسٽس مقرر ٿي ويو، صدر عارف علوي منظوري ڏئي ڇڏي

صدر مملڪت عارف علوي آئين جَي آرٽيڪل 175 تحت جسٽس عمر عطا بنديال جي مقرري جي منظوري ڏني

موجودا چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد پهرين فيبروري تي رٽائر ٿيندو، جنهن بعد جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري کان سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس هوندو

جسٽس عمر عطا بنديال هن وقت جسٽس گلزار احمد کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي

گذريل ڏينهن قانون واري وزارت پاران جسٽس عمر عطا بنديال جي چيف جسٽس طور مقرري لاءِ سمري تيار ڪئي وئي هئي، جيڪا قانون واري سيڪريٽري صدر ڏانهن منظوري لاءِ اماڻي هئي