پاڪستان سپر ليگ سيون جو ميلو شروع ٿيڻ ۾ باقي 13 ڏينهن: تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

0
269

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيون شروع ٿيڻ ۾ باقي 13 ڏينهن رهجي ويا آهن، ايونٽ جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن. پاڪستان سپر ليگ سيون جون ميچز ڪراچي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون، ايونٽ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ، لاهور قلندرز، پشاور زلمي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ڪراچي ڪنگز ميدان تي لهنديون

پي ايس ايل سڪس ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب ايونٽ ٻن حصن ۾ ڪرايو ويو هو، جڏهن ته هن ڀيري به ڪورونا ايس او پيز لاڳو ڪيون ويون آهن، رانديگرن کي قرنطينه ۾ وقت گذارڻو پوندو، بائيو ببل جو ماحول به جوڙيو ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان سپر ليگ سيون لاءِ ٽڪيٽس جو وڪرو به شروع ٿي ويو آهي.