توهين عدالت ڪيس ۾ گلوڪار زوهيب حسن کان جواب طلبي!

0
275
توهين عدالت ڪيس گلوڪار زوهيب حسن
توهين عدالت ڪيس ۾ گلوڪار زوهيب حسن کان جواب طلبي!

ڪراچي: مرزا اشتياق بيگ پاران مشهور گلوڪاره نازيه حسن جي ڀاءُ زوهيب حسن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.  عدالت توهين عدالت جي درخواست تي زوهيب حسن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

مرزا اشتياق بيگ جو چوڻ هو ته 14 سيپٽمبر 2021ع تي عدالت زوهيب حسن کي منهنجي خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو هو

زوهيب حسن پابندي باوجود سوشل ميڊيا تي منهنجي خلاف پوسٽون ڪيون آهن، زوهيب حسن عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري توهين عدالت ڪري رهيو آهي.