سياسي جلسا روڪڻ لاءِ ٻڌڻي:شهباز، بلاول ۽ فضل الرحمان سپريم ڪورٽ پهچي ويا

0
422
سياسي جلسا روڪڻ لاءِ ٻڌڻي

ڪراچي (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ بي اعتمادي رٿ کان اڳ سياسي اجلاس روڪڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جنهن سلسلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فضل الرحمان ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عدالت پهچي ويا

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي

عدالتي ڪمري ۾ رش وڌڻ تي چيف جسٽس غير لاڳاپيل ماڻهن کي ٻاهر وڃڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو گيلري ۾ مٿي وڃو

چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ اسان جا مهمان به آيا آهن، سينيئر وڪيل به موجود آهن، اهڙي ماحول ۾ ٻڌڻي نه ٿي سگهندي,جسٽس عمر عطا بنديال ڪمري نمبر هڪ ۾ موجود ماڻهن کي ماسڪ پائڻ جي به درخواست ڪئي

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ پهچڻ تي ميڊيا جي نمائندن جي سوالن جا جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هي حڪومت ناجائز آهي، وڪيلن ذريعي آئيني ۽ قانوني جدوجهد ڪنداسين، اسان ڪا به سياسي ڳالهه نه ڪنداسين

هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي عدالت جي دروازي تي ناهي آندو، عدالت مان اميد آهي، سياسي فيصلا آئين ۽ قانون تحت ٿيندا آهن, جڏهن ته شهباز شريف چيو ته اسان جي وڪيلن وڏي محنت سان درخواست تيار ڪئي آهي

حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جلسن جو مامرو، اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتهائي سخت

ٻئي پاسي بي اعتمادي رٿ، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي جلسن سبب اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي, اسلام آباد ۾ 2500 رينجرز، 2000 ايف سي ۽ 8000 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن کي وفاقي راڄڌاني جي ريڊ زون ۾ 2 اپريل تائين مقرر ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف ايف سي هيڊڪوارٽر اسلام آباد انتظاميا کي وڌيڪ اهلڪار فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن حوالي سان گهرو وزارت کي خط ذريعي آگاهه به ڪيو آهي

ايف سي هيڊ ڪوارٽرز جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته پهريان ئي هڪ هزار اضافي اهلڪار اسلام آباد موڪلي چڪا آهيون، وڌيڪ 2 هزار اهلڪار فراهم نٿا ڪري سگهون

ايف سي عملدارن خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ 30 مارچ تي مڪاني ادارن جون چونڊون به ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن اضافي اهلڪار ان تاريخ کان اڳ واپس ٿي سگهن ٿا ته پوءِ ڏسي سگهجي ٿو

ڦري ويل ميمبرن پارٽي نه پر ملڪ جِي پُٺيءَ ۾ ڇرو هنيو، غدارن جيان سزا ملڻ گهرجي: فواد چوڌري